جنگشاهي(ن پ ا) پاڪستان ريلوي جي نجڪاري ۽ ملازمن سان ناانصافين جي خلاف ريلوي پريم يونين جنگشاهي زون جي صدر گل محمد گجڻ جي صدارت ۾ اهم اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ ڪراچي ڊويزن جي صدر راجا عبدالماف ۽ معين الدين، ملڪ محمد اسلم، سيد بهادر شاهه، محمد نسيم مهر ۽ ڪوٽڙي زون جي عهديدارن ۽ پورهيت ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ريلوي جي نجڪاري خلاف هر محاذ تي جدوجهد جاري رکنداسين، پريم يونين هڪ پليٽ فارم تي آهي، جنهن ۾ سمورا ملازم گڏ آهن ۽ اسان حڪومت جي اهڙي فيصلي کي هرگز قبول نه ڪنداسين، هنن چيو ته اسان جي ملازمن سان پهرين به ڪافي ناانصافيون ٿي رهيون آهن، جن جو سرڪار کي ازالو ڪرڻو پوندو، اڳواڻن اجلاس ۾ حڪومت کي چتاءُ ڏيندي چيو ته ملازم دشمن پاليسيون جاري رهيون ته پريم يونين هر اسٽيشن تي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري سگهي ٿي، جنهن جي ذميوار ريلوي انتظاميا ۽ سرڪار جي هوندي.