اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ پاڪستان ريلويز بابت اجلاس ٿيو. وزير اعظم چيو ته ريلوي نظام ڪنهن به ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکندو آهي، ريلوي انفراسٽرڪچر جي پائيدار بنيادن تي ٻيهر تعمير جي ضرورت آهي. وزيراعظم شهباز شريف لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته مرڪزي ايشيائي ملڪن سان واپاري لاڳاپن ۾ واڌ لاءِ ريلوي جي نيٽورڪ کي وڌائڻ جي حڪمت عملي جوڙي وڃي. گوادر کي پاڪستان ريلويز جي نيٽورڪ سان ڳنڍڻ وارو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير ريلوي حنيف عباسي پاران وزيراعظم کي پاڪستان ريلويز ۾ سڌارن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ريلويز ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي تمام وڏي گنجائش آهي،سکر، خانيوال ۽ ڪوهاٽ جي ڪنڪريٽ سليپر فيڪٽرين کي آئوٽ سورس ڪيو پيو وڃي. ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا، ملتان ۽ سکر ۾ ريلوي جي اسپتالن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ ريسٽ هائوسن کي آئوٽ سورس ڪيو پيو وڃي، رائل پام گالف اينڊ ڪنٽري ڪلب لاهور کي نيلام ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته 155 ريلوي اسٽيشنن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو پيو وڃي، رائيٽ سائيزنگ پاليسي تحت 17101 جايون ختم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته وڌيڪ 5695 جاين کي مستقبل ۾ ختم ڪيو ويندو. پاڪستان ريلويز ايڊوائزري اينڊ ڪنسلٽنٽ سروسز، ريل ڪاپ، فريٽ ٽرانسپورٽ ڪمپني ۽ پراجيڪٽ ايمپليمينٽيشن يونٽ ختم ڪيا ويا آهن. ريلوي جي 10 ارب رپين جي ماليت واري زمين واپس ورتي وئي آهي.