نيويارڪ(اسپورٽس نيوز) جڳ مشهور آمريڪي ريسلر ۽ اداڪار جان سينا هلندڙ سال ۾ ريسلنگ کي هميشه لاءِ الوداع چئي ڇڏيندو. اڄڪلهه هو ڊبليو ڊبليو اي ۾ سرگرم آهي، جتي ايليمينيشن چيمبر ميچ ۾ ڪاميابي ماڻي ريسلمينيا 41 ۾ موجوده ڊبليو ڊبليو اي چيمپيئن ڪوڊي روڊز سان مقابلو ڪندو. ايليمينيشن چيمبر ميچ دوران جان سينا هڪ نئون عالمي رڪارڊ پڻ قائم ڪيو، جيڪو ڪنهن به ريسلر لاءِ انوکو آهي ۽ اِهو ڊگهي عرصي تائين برقرار رکڻ جو امڪان آهي. گنيز ورلڊ رڪارڊز موجب، جان سينا ڊبليو ڊبليو اي جي تاريخ جو سڀ کان ڊگهو عرصو هاڪاري ڪرداررهڻ کانپوءِ اوچتو ويلن بڻجي نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪيو. جان سينا 20 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين هاڪاري سوچ رکندڙ ريسلر رهيو، پر ايليمينيشن چيمبر ميچ کانپوءِ هن اوچتو ڪوڊي روڊز تي حملو ڪيو ۽ دي راڪ جو ساٿي بڻجي پنهنجي ڪردار کي تبديل ڪري ڇڏيو. آخري ڀيرو 2003 ۾ جان سينا ولن جو ڪردار ادا ڪيو هو، 6 نومبر 2003 تي هو هيئروريسلر بڻيو ۽ ست هزار ست سئو ڇهاسي ڏينهن يعني 21 ورهين تائين هاڪاري ڪردار نڀائيندو رهيو. ان کان اڳ اهو رڪارڊ هلڪ هوگن وٽ هو، جيڪو 1976 کان 1981 تائين 5420 ڏينهن مثبت ڪردار نڀائيندو رهيو. جان سينا جو هي رڪارڊ ٽوڙڻ ته مشڪل لڳي ٿو،