ريتي(ن پ ا) ريتي ۾ يوٿ فورم جي اڳواڻن ۽ شهرين ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻي ۾ ويٺل وڪيلن سان يڪجهتي طور پنجاب ويندڙ مال سان ڀريل ٽرڪن ۽ ٽرالرز کي روڪي ورتو، ان موقعي تي اڳواڻن مولوي اسلم چاچڙ، يونس سومرو، ياسر چاچڙ ۽ ٻين چيو ته پنجاب جنهن کي اسان پنهنجو وڏو ڀاءُ سمجهو ٿا، اهو ٽن صوبن جا حق ماريو ويٺو آهي، اسان جو ڪوئلو، بجلي، گيس ۽ ٻيون شيون استعمال ڪري رهيو آهي ۽ هاڻي وري اسان جي جيئڻ جو سهارو پاڻي بند ڪري ان تي به ڌاڙو هڻڻ چاهي ٿو، هنن چيو ته 6 ڪينال ڪڍيا ويا ته سنڌ ۾ تباهي ايندي، هنن چيو ته پنجاب طرف ڪوئلو ۽ ٻيون شيون کڻي ويندڙ 30 گاڏيون واپس ڪيون آهن ۽ 10 کان 15 گاڏيون روڪيون آهن، جن کي ڪنهن به صورت ۾ اڳتي نه ڇڏيو ويندو.