ريتي (ن پ ا) ريتيءَ ۾ سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي حڪم تي صحت کاتي جي ٽيم ريتي شھر پھچي عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو، اسٽنٽ ڊاريڪٽرڪاشف علي سومرو ۽ ڊپٽي ڊاريڪٽر ڊاڪٽر مجاھد حسين جي اڳواڻي ۾ صحت کاتي جي ٽيم ريتي شھر ۽ جھنگل ملڪ ۾  عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪ تي چاپا عطائي ڊاڪٽر پنھنجا ڪلينڪ ڇڏي فرار ٿي ويا، صحت کاتي جي ٽيم ريتي شھر ۾ عطائي ڊاڪٽر صادق شر ۽ اسلم ڀٽو جون ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون ، ٽيم جي اڳواڻ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر گھوٽڪي ڪاشف سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سموري ضلعي ۾ اسين عطائي جعلي ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي جتي به اسان  کي عطائي، بغير ڪوليفائيڊ ڊاڪٽرن جي نشاندهي ٿي ته اسين ان جي ڪلينڪ سيل ڪرڻ سان گڏوگڏ ان خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آڻينداسين، هنن چيو ته اسين جعلي ڊاڪٽرن کي انسان جي زندگيءَ سان کيڏڻ جي اجازت ڪنھن بہ صورت ۾ نه ڏينداسين، اسان جي ڪوشش آهي ته ريتي جي هيلٿ سينٽر ۾ او پي ڊي چوويھ ڪلاڪ شروع ڪرايون ۽ جھنگل ملڪ جهڙي وڏن علائقن ۾ سرٽيفائيڊ ڊاڪٽر جون سهولتون ڏياريون.