رياست پاڪستاني رياست جا سياسي مسئلا ۽ ملڪ تي پوندڙ اثر

0
168

  پاڪستان جي قيام کي لڳ ڀڳ اٺ ڏهاڪا ٿيڻ وارا آھن پر تنهن هوندي به هن رياست کي انيڪ ۽ ڳنڀير سياسي مسئلا درپيش آھن. جن جي شدت ۾ ڪمي اچڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آھي ۽ پاڪستان داخلي توڙي بيروني سطح تي پنهنجي سياسي ساک کي متاثر ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي.  هن ملڪ جو سياسي نظام وينٽيليٽر تي بيٺل آھي جيڪو زندگي ۽ موت جي جنگ ۾ ڪشمڪش جو شڪار آھي. اڄوڪي هن مضمون ۾ پاڪستان جي سياسي بحرانن جا سبب ۽ ملڪ تي پوندڙ اثرن بابت تفصيلي جائزو وٺنداسين. پاڪستان ۾ سياسي بحرانن جا سبب ڪجھه هن ريت آھن:

                 سواليه نشان اليڪشنز: پاڪستان جي تاريخ ۾ صاف ۽ شفاف اليڪشن جو خواب هن وقت تائين ساڀيا ناهي ٿي سگهيو. سياسي جماعتون هڪ ٻئي تي ڌانڌلين جا سنگين الزام لڳائينديون رهيون آھن ۽ هارايل سياسي جماعتون کٽيل سياسي جماعت کي اسٽيبلشمينٽ جو مهرو ۽ ٻين عجيب غريب فقرن سان نوازي ان جماعت جي سياسي ساک کي ڇيهو رسائينديون رهن ٿيون. جيتوڻيڪ اها حقيقت به آھي ته پاڪستان اندر ڪا به سياسي جماعت اسٽيبلشمينٽ جي مدد کانسواءِ اقتدار تائين رسائي حاصل نه ٿي ڪري سگهي.

هنگ پارليامينٽ: هن ملڪ جي تاريخ ۾ ڪا به اڪثر ڪريسياسي جماعت جنرل اليڪشن ۾ ڀاري اڪثريت سان ڪامياب ناهي ٿي سگهي جنهن به سياسي طاقت يعني  Political power ڪنهن هڪ جماعت وٽ هجڻ بدران مختلف سياسي جماعتن ۾ تقسيم ٿئي ٿو ۽ اهو ئي سبب آھي جو ننڍيون سياسي جماعتون ۽ گروپ  حڪومت جو حصو ۽ ساڳي حڪومت کان دوري ذاتي مفادن جي آڌار تي ڪن ٿيون، جنهن ڪري پارليامينٽ جي اهميت ۾ ڪمي ۽ سياسي طاقت تي منفي اثر پون ٿا.

سول ملٽري تعلقات: ان ڳالھه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ملڪ جي سڀني اهم ادارن ۽ پاليسيز تي ملٽري جو اثر رهيو آھي. سويلين ۽ ملٽري تعلقات هڪ پيج تي هجڻ بدران مختلف ends تي رهيا آھن جهڙوڪ پاناما معاملو ۽  پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ DG ISI وارو معاملو اسان سڀني جي اڳيان آھن. جڏهن سويلين ۽ ملٽري اسٽيبلشمينٽ هڪ پيج تي هجڻ بدران ٻن مختلف extreme ends تي هجن ته ان نظريي کي polarization of politics سڏجي ٿو، جنهن جا خارجه پاليسي کان ويندي سيڪيورٽي معاملن تي سنگين اثر پون ٿا. اهڙا سنگين اثر گذريل ستن ڏهاڪن کان هن ملڪ جو مقدر بڻيل آھن.معاشي چئلينجز: پاڪستان جي تاريخ ۾ سياسي ۽ معاشي بحران غيرمعمولي رهيا آھن. جيئن انساني جسم لاءِ دل ۽ آٽوموبائيل لاءِ انجڻ ضروري آھي تيئن معيشت ڪنهن به رياست لاءِ ان کان به وڌيڪ اهم ۽ ضروي آھي. ڇو ته سماج جو هر لقاءُ معيشت طئي ڪندي آھي. پاڪستان جي معيشت سڌرڻ بدران ڏينهون ڏينهن تباهي جي ڪناري ڏانهن وڌي رهي آھي ۽ قرضن جي بار ۾ شدت اچي رهي آھي. اهو سبب آھي جو هن وقت پاڪستان شديد معاشي بحرانن جو شڪار هجڻ سان گڏوگڏ ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي جي لپيٽ ۾ آھي.

سياسي جماعتن جو ڪلچر: پاڪستان جي سياسي جماعتن جو ڪلچر سياسي اخلاقيات جي اصولن کان وانجهيل آھي. هن ملڪ اندر سياسي جماعتن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن انتهاپسندي کي فروخت ڏئي رهيا آھن، هر مختلف راءِ رکندڙ اڳواڻ ۽ سياسي ڪارڪنن کي اخلاقيات کان وانجهيل فقرن سان تشيبهھ ڏيڻ جو رواج عام رهيو آھي. جيڪو عمل نه صرف سياسي اخلاقيات پر جمهوري عمل جي پڻ نفي آھي. جمهوريت ۾ اختلاف راءِ کي صتحمند سماج جي سونهن تصور ڪيو وڃي ٿو جنهن سان بحث جا نوان نوان رستا کلندا آھن ۽ مسئلن جي تھه تائين رسائي ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي پر بدقسمتي سان پاڪستان جو سياسي ڪلچر جمهوري ۽ سياسي اخلاقيات جي اصولن کان مڪمل طور وانجهيل آھي.

پولرائيزڊ ميڊيا: پاڪستان جي تاريخ ۾ ميڊيا جو ڪردار به ڪو عوام دوست ۽ تسلي بخش ناهي رهيو. ميڊيا گروپ پاران عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ بدران حڪمران ڌر جي عوام دشمن عيبن ۽ ڪرتوتن کي لڪائڻ ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي. ميڊيا گروپس پاران مراعتون ماڻي ظالم حڪمران ۽ ڦورو طبقي کي خاطر خواھه تحفظ فراهم ڪيو آھي. اهو سبب آھي ته پولرائيزڊ ميڊيا پڻ هن ملڪ جي سياسي بحرانن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي.

مٿي ڄاڻايل سياسي بحرانن جي سببن ڪري ملڪ تي ڪجھه هن ريت منفي اثر پيا آھن:

قانونسازي: سياسي بحرانن سبب پاڪستان جي قيام کان وٺي هن وقت تائين معاشي، سماجي ۽ سيڪيورٽي مسئلن جي حل لاءِ ڪابه مثبت قانونسازي عمل ۾ نه اچي سگهي آھي جنهن سب ملڪ اندر آئيني بحرانن جي شدت ۾ اضافو ٿيو آھي جيڪو هن ملڪ لاءِ خطري جي گهنٽي آھي. دنيا جو ڪو به ملڪ آئين ۽ قانون جي بالادستي کانسواءِ پنهنجو وجود برقرار رکي نه ٿو سگهي. هن ملڪ اندر آئين ۽ قانون جي بالادستي ته پري جي ڳالھه آھي پر قانون پنهنجي وجود جي ثابتي ڏيڻ ۾ به ناڪام رهيو آھي.خارجه پاليسي: ملڪ اندر سياسي غيريقيني واري صورتحال خارجه پاليسي تي پڻ اثر انداز ٿي آھي، جمهوري عمل ۾ خارجه پاليسي پارليامينٽ اندر فريم ڪئي ويندي آھي پر هن ملڪ جو تاريخي الميو اهو آھي ته سياسي ڌرين جي ڪمزورين سبب ملڪ جي خارجه پاليسي پارليامينٽ بدران اسٽيبلشمينٽ فريم ڪندي پئي اچي، جيڪو عمل جمهوري اصولن جي نفي آھي.سيڪيورٽي معاملا: سياسي بحرانن جو اثر سڌي يا اڻسڌي ريت ملڪ جي سيڪيورٽي معاملن تي ٿيو آھي، ملڪ اندر دهشتگردي جي لهر ۾ اضافو ٿيو آھي ۽ انتهاپسندي ڪر کڻي سماج جي هر فرد طور اداري کي پڻ متاثر ڪيو آھي، جنهن تي فل اسٽاپ اچڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آھي ۽ هينئر ملڪ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي لپيٽ ۾ آھي. سماج توڙي انساني جانيون داءُ تي لڳل آھن.

پوليٽيڪل ڪلچر: پاڪستان جي پوليٽيڪل ڪلچر جو مثال نئين ڄاول ٻار جهڙو آھي، اهو ڪيڏو نه وڏو اليمو آھي جو هن ملڪ جي تاريخ ۾ ڪو به چونڊيل وزيراعظم پنهنجو آئيني مدو پورو ناهي ڪري سگهيو. جيڪڏهن صرف بنگلاديش جي پوليٽيڪل ڪلچر کي پاڪستان جي پوليٽيڪل ڪلچر سان ڀيٽ ڪجي ته معلوم ٿيندو ته بنگلاديش هن ملڪ کان آزادي ماڻيندڙ ڪيئن سياسي ڪلچر کي بهتر بڻائي معاشي، سماجي، خارجه ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ضابطو آندو آھي. مٿي ڄاڻايل سياسي بحرانن جي سببن ۽ ان جي پوندڙ اثرن کي ختم ڪرڻ لاءِ سويلين ۽ ملٽري جو هڪ پيج تي هجڻ انتهائي ضروري آھي ۽ ان کان علاوه سياسي ڌرين کي پارليامينٽ اندر گڏ ويهڻ گهرجي ۽ سڀني اثرن کي ختم لاءِ ڪا خاطر قانونسازي ڪن، جيئن هن ملڪ مان دهشتگردي، انتهاپسندي، غربت جو خاتمو ٿي سگهي ۽ قانون جي بالادستي قائم ڪري  عوام جي زندگين ۾ سک جو سج اڀاري سگهجي.

[email protected]