رياست قائم رهندي، حق ڏئي بلوچن جون دليون کٽينداسين، دهشتگردي خلاف جنگ کٽڻي پوندي: زرداري

0
33
رياست قائم رهندي، حق ڏئي بلوچن جون دليون کٽينداسين، دهشتگردي خلاف جنگ کٽڻي پوندي: زرداري
رياست قائم رهندي، حق ڏئي بلوچن جون دليون کٽينداسين، دهشتگردي خلاف جنگ کٽڻي پوندي: زرداري

ڪوئيٽا (م ڊ) صدر آصف زرداري چيو آهي ته رياست قائم رهندي، حق ڏئي بلوچن جون دليون کٽينداسين. دهشتگردي خلاف جنگ کٽڻي پوندي. بلوچستان جي ماڻهن سان دلي لڳاءُ ۽ پُراڻا لاڳاپا آهن، دهشتگرد قوم کي ورهائڻ گهرن ٿا پر کين هر صورت ۾ شڪست ڏني ويندي، دهشتگردي خلاف ونگز کي جديد هٿيار مهيا ڪيا ويندا، اهڙن خيالن جو صدر آصف زرداري ڪوئيٽا ۾ امن امان بابت اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو،  صدر چيو ته اسان حق کسڻ نه پر ڏيڻ گهرون ٿا، اُن سان ماڻهن جون دليون کٽي سگهجن ٿيون، بلوچستان ۾ پائيدار ترقي چاهيون ٿا، اجلاس ۾ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي صدر کي امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني، اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرز به صدر آڏو تجويزون پيش ڪيو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اجلاس ۾ خصوصي طور شرڪت ڪئي