رياست جي حاڪميت بحال ڪرڻي پوندي

0
54
رياست جي حاڪميت بحال ڪرڻي پوندي

 ملڪ پاڪستان جيڪو آبادي جي لحاظ سان دنيا جو پنجون، فوجي طاقت يا Power Index جي لحاظ سان ستون  GDP جي حوالي سان 23 نمبر تي آھي اهو هن وقت تاريخ جي بدترين معاشي بحران، خطرناڪ سلامتي جي خدشن ۽ ڇڙواڳ سياسي هيجان جو شڪار آھي. رياست کي استحڪام ۽ سلامتي بخشيندڙ مک ادارا پارليامينٽ، عدليه، انتظاميه توڙي دفاعي شعبو تمام وڌيڪ اختلافن ۾ ملوث ٿي اختلافي بنجڻ سبب پنهنجي طاقت ۽ غير جانبدارانه ڪردار توڙي ڀروسو وڃائي ويٺا آھن.جديد رياست ڪيترو به کڻي پاڻ کي مهذب چورائيندي هجي پر سندس وجود برقرار رکڻ لاءِ آخري هٿيار رياستي مطلق طاقت يعني اقتدار اعليٰ هوندو آھي جنهن جي زور تي کيس طاقت جي استعمال ۾ ھڪ هٽي يا Monopoly   حاصل هوندي آھي.

                 رياستي ادارن جو سياسي عمل ۾ ملوث ٿي ڪنهن مهل هڪ جماعت ته ڪڏهن وري ڪنهن ٻي جو سهولتڪار ٿيڻ سان هڪ ته سياسي ڍانچو پنهنجي شڪل صورت بدلائيندو رهيو ٻيو ته هميشه ناپائيدار رهي ڪا هڪ سڃاڻپ قائم ڪرڻ ۾ به ناڪام رهيو آھي.  ڳالھه ته ڳري آھي پر مڃڻ گھرجي ته شايد هڪ قوم بنجڻ ۾ پڻ ڪاميابي نه ٿي سگهي. ان جو سبب سڀني کي خبر آھي ته وفاق جي رضاڪارانه اتحاد ۾ شامل ايڪن جي ڌار ڌار سڃاڻپ کي مڃوتي ڏيئي انهن قوميتن ۽ سندن زبانن کي هڪ ئي قوم جي پرجوش “قومي” جذبي ۾ پوئڻ ۾ ناڪامي ٿي آھي. بنگالين، پنجابين، سنڌين، پشتونن، بلوچن ۽ سرائڪين کي مڃائڻ جي زبردستي ڪوشش ڪئي ويئي ته سندن قومي ٻولي صرف وچان ئي امپورٽيڊ ڪيل زبان هوندي. ان ۾ ڪو هرج نه هجي ها جيڪڏهن امڙ جي ٻولين کي مناسب مقام مليو هجي ها. حاوي مسلم آبادي جي مسلمانن جي مذھب تي معمول مطابق عمل ڪندي ڪو به خطرو نه هجي ها پر جڏهن مذھب کي رياست ۽ آئين جو طابع بنائي مخصوص برانڊ بنائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ويئي ته سڄو سماج، سڄو ملڪ مذھبي فرقه پرستي جي ور چڙھي ويو. هن وقت پاڪستان جي  سڌي سادي مسلمان کي سڀ کان وڌيڪ خطرو فرقه پرست ۽ جنوني “مسلمان” منجهان آھي. اسلام سعودي عرب کان ٿيندي سڄي دنيا ۾ پکڙي ته ويو پر فرقه پرستي، خلفاءِ راشدين جي پوئين دؤر کان وٺي سڀني خليجي ملڪن ۽ مصر مان ٿيندي روز نون نظرين ۽ فرقن جو روپ اختيار ڪري ويئي. هاڻي مذھب کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ سبب مسلمان مسلمان جو ويري ٿي ويو آھي. هن خطي ۾ اسان پاڻ نه فرقه پرست هئاسين نه وري جنوني قاتل!

اڄ اسان جي رياست، سياست، مذھب، معاشرت ۽ معيشت سڀ پويان پساھه پيا کڻن. معاملو ايترو ڳنڀير ٿي ويو آھي  ته افغان طالبان جي ڪابل تي قبضو ڪرڻ وقت اسان جو وزير اعظم، جنهن کي اڄ به طالبان خان سڏجڻ تي خوشي ٿيندي آھي، اهو ڪپڙن ۾ نٿي ماپيو ۽ تڪڙ ڪري اهڙا جذباتي بيان ڏئي ويو جو خود قابض قوت به ايتري خوشي جو اظھار نه ڪيو هو. اڄ جڏهن اسان جي دفاعي فورسز جا سينئر آفيسر،جوان ۽ عام شھري ان ٽي ٽي پي جي سفاڪ قهري ڪارروائين جو شڪار ٿي شھيد ٿي رهيا آھن ته عمران خان خود ۽ سندس چرٻ زبان فواد چوڌري بيان ڏئي طالبان کي ڄڻ ته يقين دهاني ڪرائي رهيا هجن ته “ڀائي لوڪو اسان جي پارت هجيوَ ڇو ته اسين توهان جا اوترائي هڏ ڏوکي ۽ وفادار آھيون جيترا حڪومت هوندي هئاسين. جنهن جي صدقي اسان پنهنجي سهولتڪار صاحبن ذريعي امن مذاڪرات جي پردي ۾  توهان جي قاتلن کي جيلن مان آزاد  ڪرائي ۽ ڪي پي جي ستايل عوام جي دانهن ڪوڪن جي باوجود، آمريڪي فوج جي ڇڏيل هٿيارن ۽ دشمن ملڪن وٽان مليل جديد هٿيارن سميت، ساڳين ٿاڪن تي واپس اچڻ ڏنو جتان آپرشن ضرب عضب ذريعي توهان کي مس مس نيڪالي ڏني ويئي هئي.” اڄ اهي جهولي ۾ پليل نانگ اڪوڙه خٽڪ ۽ ٻين ٽريننگ ڪيمپن مان سبق سيکاريل شاگرد رشيد پنهنجي محسن ملڪ جي مک قيادت ڪندڙ،  ن ليگ ۽ پي پي کي ڌمڪائي رهيا آھن ته سندن راھه ۾ نه اچن ورنه نتيجا ته بيبي بينظير کان وٺي اي اين پي جي شھيدن ۽ آرمي پبلڪ اسڪول جي گلڙن جي وقت کان پهريائين مرجهائڻ جي مثالن کان مختلف نه هوندا. ٻئي پاسي افغان طالبان آھن جن جو هن وقت سواءِ پاڪستان جي ڪو به ظاهري طرح بين الاقوامي سطح جو وڪيل ناهي. گهڻي تڻي افغان ٽرانزٽ ٽريڊ يا ATT   به هن ملڪ ذريعي ٿي رهي آھي. تنهن هوندي به پنهنجي سرزمين تان پنهنجي جنگي ساٿين کي پناھه ڏئي،هٿيار فراھم ڪري ۽ ڪجھه اطلاعن مطابق افغان ويڙھاڪ ساڻ موڪلي محسن ملڪ ۾ دهشتگردي ۾ شامل رهي به سرڪاري طرح اهڙا سخت بيان جاري ڪيا پيا وڃن ڄڻ ته دنيا جو واحد سپر پاور طالبان وارو بکيو ۽ ننگو افغانستان هجي. اڄ به افغانن جو هڪ وڏو بي لغام انگ سڄي ملڪ ۾ ڪچري جي ڍيرن کان وٺي مهانگي ۽ غير قانوني ڪاروبار سميت هر هنڌ موجود آھي. هاڻي وري قادر خان مندوخيل ٻين لاءِ به ڊوميسائيل ذريعي رستو کولرائڻ چاهي ٿو. ان جو مطلب ته اسان جي رياست کي ڀل ته پاڪستاني ۽ افغاني طالبان ٻاهران ويهي به دٻائين ۽ طالبان خان ملڪ ۾ رهي ڌمڪائين ۽ حڪومت ۽ رياست صرف اجلاس ڪري ۽ بيان ڏئي ليکو پورو ڪندي وتي!؟ پوءِ رياستي Writ ڪيڏانهن وئي؟

ملڪ جي مالي حالت ايڏي ته ڪمزور ٿي ويئي آھي جو سون هڪ لک اسي/ نوي هزار في تولو ۽ ڊالر اڍائي سو  کان وڌيڪ جو ٿي ڳوليو به نٿو لڀي. اسٽيٽ بينڪ وٽ هڪ مهيني جي امپورٽ جيتري رقم به ڪجهھ ڏينهن ۾ نه هوندي. گئس گهرن، ڪارخانن ۽ بجلي گهرن کي ڏيڻ لاءِ موجود ناهي، امپورٽ ڪرڻ لاءِ ڊالر نه آھن، ٻيو ته ٺھيو ڪڻڪ سميت زرعي جنسون به سڃائي هوندي ٻاهران وٺڻيون ٿيون پون.  رڳو رکِي ماني کائڻ لاءِ به 140/150 رپيا في ڪلو اٽو وٺڻ لاءِ پئسا نه آھن، اگهن ۽ مارڪيٽ ميڪنزم تي ضابطو ناهي، ڪاروبار بيهي ويو آھي، بيروزگاري وڌي ويئي آھي، اهي حالتون ڇا ٿيون ٻڌائين؟ مفتاح اسماعيل ۽ اسحاق ڊار قوم جي کل لاهي هاڻي هڪ ٻئي سان حساب برابر ڪرڻ ۾ مصروف آھن. آءِ ايم ايف سڀني جو ڏٺل آھي. اهو سڄو واعدا ڪري پورا نه ڪرڻ جو نتيجو آھي. اڳ ۾ ملڪ ۽ معيشت Cowboy  جي حوالي هئي ان به هن اداري کي ستايو ۽ ڊار صاحب به مولا جٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر بري طرح ناڪام ويو. جتي مريم نواز جي ٽوئيٽ تي بجيٽ فيصلا واپس ٿي ننڍن ڪاروبارين کي رعايت ملندي هجي ۽ “سچار خزانچي”تبديل ٿيندا هجن اتي رياستي رٽ جو ڇا ٿيندو؟

 اڄڪلھه جي حالتن پٽاندر قومي سيڪيورٽي ڪميٽي ٻن ڏينهن جي مٿا ڪٽ کان پوءِ انتهائي دليرانه ته نه پر ڪجهھ قدر فيصلا ڪيا جن ۾ دهشتگردي بابت زيرو ٽالرنس ڏيکارڻ ۽ معيشت توڙي توانائي بحران بابت ڪجهھ فيصلا ڪرڻ به شامل هئا. پر ٿيو ڇا؟ ڪاروبارين چيو ته دڪان سوير کولڻ ۽ جلدي بند ڪرڻ تي هو عمل نه ڪندا. اها نافرماني هميشه رعايتون حاصل ڪندڙ ان طبقي ڪئي آھي ۽ پنهنجي مڃائي به آھي. حد ته اها آھي ته پنجاب ۽ ڪي پي  جي صوبائي حڪومتن عمراني هديت تي هلندي نافرماني جو اعلان ڪيو آھي. قومي بحران صرف قومي اتحاد سان ئي حل ڪري سگهجن ٿا. شيطاني صفت تحت منجهند تائين سمهي آڌي رات تائين جاڳڻ جو شوق هم زنده قوم هين واري نعري سان ته نٿو ملي. بلڊر مافيا جيڪا هن ملڪ ۾ خود رياست اندر رياست بنجي چڪي آھي سا ڪاروباري طبقي سان ملي وڌ ۾ وڌ ايمنسٽي اسڪيمون حاصل ڪري به سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس چوري ڪرڻ ۾ ملوث ٻڌايا وڃن ٿا. هتي هر شخص چوري ڪرڻ چاهي ٿو ۽ سڄي رياستي مشنيري ان ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي بنيل آھي. ڪنهن کي به ڪو ڊپ ۽ شرم ناهي ڇاڪاڻ رياست پنهنجي رٽ وڃائي پئي.

سياستدان به سسٽم ۽ رياست کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪونه گهٽايو آھي. رياستي منصب مالي ۽ ملڪي وسيلن کي لٽڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. قومي سلامتي به اقتصادي آزادي سان مشروط آھي. خيرات تي پلجي گهڻو غيرتمند سڏائڻ مڙيوئي خالي ڊاڙ ھوندي آھي. سياستدان جڏهن حڪومت ۾ اچي ٿو ته سڀني ادارن کي قانون جو نه پر ذاتي غلام سمجهي طالبان خان بنجي وڃي ٿو. وري نامراد ٿي پنهنجي محسن سابق چيف تي کيس قتل ڪرائي مارشلا لڳائڻ جھڙا الزام لڳائڻ کان به نٿو مڙي. عدالتي ۽ ادارتي فيصلن تي غليظ لفظن ۾ گند اڇلايو وڃي ٿو. هر ممڪن ڪوشش ڪري فيصلن تي عمل نٿو ڪيو وڃي. ان عمل ۾ خود  عدليه به پاڻ کي گهڻو ملوث ڪري ڇڏيو آھي ڇاڪاڻ ته ادارن ۾ موجود همدرد ڪردار ڌر ٿي بيهي رهن ٿا. اڄڪلھه ته ڇيھه ٿي ويو آھي. اليڪشن ڪميشن کي فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ڪرڻ ۾ بقول جاويد چوڌري جي ادارن جي خواهش تي اٺ سال لڳي ويا. بني گالا واري گهر جي چوري تعويذن ۽ جنن جي طاقت بدران ساڳيو صحافي لکي ٿو ته، ٻن سابق چيفن جي سهڪار سبب ثابت  ته نه ٿي رهندو چور کي چور بدران “صادق ۽ امين” قرار ڏنو ويو. پوءِ اها چوري  جي عادت توشه خانه واري اربن جي واچ کان وٺي قميص جي بٽڻن تائين پهچي وئي. ٽانگا پارٽي جي هڪ ڦيٿي وارو وزير اعليٰ اڪثريت وڃائڻ جي پڪ کان پوءِ آئين جي خلاف ورزي ڪندي چوي ٿو هاڻي هو گورنر جي ايڊوائس تي اعتماد جو ووٽ نه وٺندو ڇو ته گورنر جو حڪم ئي غير قانوني آھي. انهن حالتن ۾ رياستي رٽ ڪيئن قائم ٿيندي؟

رياست جي بنيادي طاقت يعني ادارن ۽ انصاف فراهم ڪندڙ،  انصاف ڏيڻ بدران پارٽي بازي جو سلسلو هلائي جرڳن جي انداز ۾ سائلن کان صلاحون وٺي “انصاف” ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پنجاب حڪومت ۾ نون مهينن کان جاري بحران عدالتن جو پيدا ڪيل آھي جنهن جو نقصان سڄي رياست ڀوڳي رهي آھي. 2018ع ۾ پراجيڪٽ عمران جا ٽي مک ڪردار ريٽائرمينٽ کان پوءِ ته صفا وائکا ٿي ملڪ ۾ سياسي انجنيئرنگ جو بدترين مثال قائم ڪري اڄڪلهھ موجود رياستي، معاشي، سياسي ۽ سلامتي بحران پيدا ڪرڻ جا مڪمل ذميوار سمجهيا پيا وڃن. پاناما اسڪينڊل ۽ ان جي عدالتي ڪارروائي دنيا جي نظر ۾ شھيد ڀٽي سان روا رکيل ضيائي انصاف جي مترادف سمجهي ويندي آھي. پوءِ ڀلا رياستي رٽ ڪيئن ٿي قائم رهي سگهي؟

انهي صورتحال جو هڪڙو ئي حل آھي. قوم کي غدار غدار قرار ڏيڻ بجاءِ قوم بنجڻ جو احساس ڏياريو. ادارا پنهنجي حد ۾ رهي ڪم ڪن. سڄي بربادي، بي انصافي، سياسي انجنيئرنگ ۽ ڏاڍائي ڏيکاريندڙ سڀ ڪردار هاڻي تائين وائکا ٿي چڪا آھن. سڄي زندگي انهن ڪردارن احتساب جي نالي تي استحصال ڪيو آھي. هاڻي انهن سڀني ذميوارن جو حقيقي احتساب ٿيڻ گھرجي. جيتري تائين ڏوهي کي سزا نه ملندي اوتري تائين اهو سلسلو جاري رهندو. سياست، رياست، معيشت۽ معاشرت بچائڻي آھي ته هڙتال بائيڪاٽ ۽ تحريڪ هلائڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙن توڙي طالبان جي ڊپ ۾ اچي منٿون ڪنهن کي به ڪونه ڪبيون ته اسان ته توهان جا حامي آھيون. جيئن خانصاحب ۽ سندس ساٿي ڪي پي  ۾ ڪري رهيا آھن، بلڪه رياستي رٽ بحال ڪرڻي پوندي.  ايم ڪيو ايم هارائڻ جي خوف کان ڀل ته ڌمڪيون ڏئي. مڪاني چونڊون مقرر تاريخ تي ٿيڻ گھرجن ڪيڏانهن به نه ويندا، ساڳي پگهار تي ڪم ڪندا. ائٽمي طاقت ڪنهن دهشتگرد ڌڙي، ڪنهن نفيس ڇٽل ڪارتوس، ڪنهن دڪاندار جي ڌمڪي ۾ اچڻ بدران پنهنجي اقتدار اعليٰ کي استعمال ڪري. جنهن کي جيل وڃڻو سو جيل ۾ وڃي، جنهن کي مسلمان ماري شھيد ٿيڻو آھي، ان جي مرضي. پي پي پي ۽ اي اين پي ته شھادتن جي صورت ۾ قربانيون پيش ڪري هاڻي دلير ٿي چڪا آھن باقي ن ليگ ۽ دفاعي ادارا به قوم سان گڏجي هن عفريت کي منهن ڏين ڇو ته ٻيو رستو ناهي، ڳالهين مان ته اڄ تائين ڪجهھ ھڙ حاصل ناهي ٿيو.