رياست جيڪو ڪندي آهي اهو ڀوڳيندي به آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

0
266
وفاقي سرڪار کي رڳو اسلام آباد جي حد تائين وفاقي ۽ صوبائي قانون لاڳو ڪرڻ جا اختيار آهن:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ
وفاقي سرڪار کي رڳو اسلام آباد جي حد تائين وفاقي ۽ صوبائي قانون لاڳو ڪرڻ جا اختيار آهن:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس باقر نجفي چوڌري پرويز الاهي جي درخواست تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا آهن ته توهان غلط روايت وجهي رهيا آهيو، رياست جيڪو ڪندي آهي اهو ڀوڳيندي به آهي

چوڌري پرويز الاهي جي هڪ مهيني جي نظربندي خلاف درخواست تي دليل ڏيندي پرويز الاهي جي وڪيل چيو ته نظربندي جي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته پرويز الاهي امن امان خراب ڪري سگهي ٿو

وڪيل چيو ته پرويز الاهي بزرگ آهي ۽ بيمار آهي پوءِ به کيس نه پيو ڇڏيو وڃي

جسٽس باقر نجفي پنجاب حڪومت جي وڪيل کي چيو ته توهان جيڪو ڪجهه ڪيو پيا غلط پيا ڪيو

عدالت پاران پرويز الاهي جي وڪيل کي ڊي سي وٽ نظرثاني درخواست جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

جسٽس باقر نجفي پنجاب حڪومت جي وڪيل کان سوال ڪيو ته ڊي سي وٽ درخواست جمع ڪرائڻ بعد ڪيترن ڏينهن ۾ فيصلو ٿيندو؟

پنجاب حڪومت جي وڪيل چيو ته 10 ڏينهن اندر فيصلو ٿي ويندو، جسٽس باقر نجفي چيو ته مطلب توهان کي چوڌري صاحب کي رڳڙو لڳائڻو ئي لڳائڻو آهي

عدالت جي هدايت تي چوڌري پرويز الاهي جي وڪيلن هڪ مهيني جي نظربندي واري حڪم کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ واري درخواست واپس وٺي ڇڏي

هن کي به پڙهندا

ٽن ضلعن ۾ فوج کي زمين الاٽ ڪرڻ جو حڪم، عدالتي فيصلو معطل