اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي بيان تي کيس تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته رياست تي حملو ڪندڙ کي سزا ڏني ويندي آهي ڳالهيون نه ڪيون وينديون آهن، عمران ڳالهين جي نه پر اين آر او جي اپيل ڪئي آهي، هن چيو ته 60 ارب رپين جو ڌاڙو هڻندڙ، فارين ايجنٽ، توشا خانه چور سان ڳالهيون ناهن ٿينديون پر ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو آهي، جي ايڇ ڪيو، قومي عمارتن، فخر جي علامتن تي حملو ڪندڙ سان  ڳالهيون نه ٿينديون، هن چيو ته عمران معيشت تي ڳالهيون نه ڪيون هاڻي ڇو؟ ملڪ ۾ باهه لڳائڻ، انتشار ڦهلائڻ، ذهنن ۾ نفرت جي باهه ڀري هٿياربند جٿا ٺاهيندڙ سان ڳالهه ٻولهه نه ٿي ٿي سگهي.