ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ سٽي بازي هلڻ نه ڏينداسين، پگهاردار طبقي تان ٽيڪس بار گهٽائبو: ناڻي وزير

0
19
پي آءِ جي جي ٻيهر نجڪاري جون تياريون: خرچ گهٽائڻ لاءِ رائيٽ سائزنگ جاري رکبي:ناڻي وزير
پي آءِ جي جي ٻيهر نجڪاري جون تياريون: خرچ گهٽائڻ لاءِ رائيٽ سائزنگ جاري رکبي:ناڻي وزير

لاهور(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي محمد اورنگزيب چيو ته الله جو شڪر آهي ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي رهيو آهي، اسٽاڪ مٿي وڃي رهيو آهي، ڪرنسي ۾ به استحڪام آهي ۽ پاليسي ريٽ به گهٽ ٿيو آهي، اسان جي معيشت جو بنياد بڻجي ويو آهي، هاڻ اسان کي پائيدار ترقي ڏانهن وڃڻو آهي. هن چيو ته بجيٽ کان اڳ ئي ڪاروباري ماڻهن سان ملاقاتون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ايف بي آر ۾ سڌارن تي به ڪم ڪري رهيا آهيون، پگهاردار طبقي تي ٽيڪسن جو بار آهي، ايندڙ بجيٽ ۾ پگهادار طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ جو سوچينداسين. ناڻي وزير چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽيڪس نظام ۾ بهتري آئي آهي، ريئل اسٽيٽ ۾ به ٽيڪس بهتري آئي آهي، ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ سٽي بازي نه هلڻ ڏينداسين، تعميراتي انڊسٽري جي سپورٽ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.