روھڙي(ن پ ا) نارڪوٽيڪس ڪنٽرول ونگ روھڙي ايڪسائيز چيڪ پوسٽ وٽ ٽرڪ تي ڇاپو هڻي ٽرڪ جي ڳجهي خانن مان 10 ڪلو چرس، 8 رائفلون، هڪ ٽي ٽي پسٽل، 15 مئگزين ۽ هزارين گوليون هٿ ڪري ورتيو، عملدارن موجب ڪارروائي دوران هٿيارن جي وڏي اسمگلنگ کي ناڪام بڻائي ٻن جوابدارن شاهد پٺاڻ ۽ محمد حسين کي گرفتار ڪيو ويو، عملدارن موجب منشيات ۽ هٿيار اسمگلنگ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچي ڪئي پئي وڃي.