روھڙي ۾ هٿياربندن هٿان اٽي جي چڪي تي ڪم ڪندڙ پورهيت قتل، وارثن جو ڌرڻو

0
15
روھڙي ۾ هٿياربندن هٿان اٽي جي چڪي تي ڪم ڪندڙ پورهيت قتل، وارثن جو ڌرڻو
روھڙي ۾ هٿياربندن هٿان اٽي جي چڪي تي ڪم ڪندڙ پورهيت قتل، وارثن جو ڌرڻو

روھڙي(ن پ ا) روھڙي ۾ هٿياربندن هٿان پورهيت گوليون هڻي قتل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب دبر ڳوٺ ۾ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري پورهيت علي حسن پٺاڻ کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي روھڙي تعلقا اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، واقعي خلاف پٺاڻ برادري جي ماڻهن شهباز پٺاڻ، دادن پٺاڻ ۽ نواب پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو هنيو  جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، بعد ۾ ڊي ايس پي مشتاق شاھه، ڊي ايس پي عبدالستار ڦل ۽ ٻِيا ڌرڻي هنڌ پهچي وارثن کي قاتلن جي گرفتاري ۽ انصاف جي خاطري ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، هوڏانهن دبر ٿاڻي جي ايس ايچ او ٻڌايو ته قتل ٿي ويل نوجوان علي حسن پٺاڻ جو تعلق علي واھڻ سان هو، جيڪو دُبر ۾ اٽي جي چڪي هلائي پيٽ گذر ڪندو هو، شروعاتي جاچ ۾ اهو معلوم ٿيو آهي ته جاگيراڻي برادري جي هٿياربندن کيس جهيڙي دوران علي حسن پٺاڻ قتل ڪيو آهي، پوليس شڪ جي بنياد تي ڪجھه ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.