روھڙي(رپورٽ: اي ڊي گهنڃو) روھڙي ۾ نوجوان پورهيت گوليون هڻي قتل، خالي پلاٽ مان گوليون لڳل لاش هٿ، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ٽنڊو ٻوراهه نئين آبادي ديوان پهلاج جي پلاٽ وٽ نوجوان جو گوليون لڳل لاش مليو، علائقي واسين لاش ڏسي پٽڻي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو، پوليس موجب لاش جي سڃاڻپ روھڙي ڇوهارا مارڪيٽ واسي پورهيت زبير احمد ميراڻي طور ٿي آهي، پوليس موجب نوجوان جي مٿي ۽ جسم ۾ ٽي گوليون لڳل آهن، واقعي واري هنڌ تان ماڻهن جون شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن، جلد ئي نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري عمل ۾ آندي ويندي، هوڏانهن سرڪاري اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد نوجوان جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.