روھڙي(ن پ ا) روھڙي ڀرسان نوجوان چوري جو الزام لڳڻ تي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب دبر ٿاڻي جي حد ڳوٺ دبر جاگيراڻي واسي پورهيت نوجوان لياقت ڀٽي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري ڇڏيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال روهڙي پهچايو ويو، جتان طبي امداد بعد سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، نوجوان جو لاش تعلقه اسپتال روهڙي مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن موجب نوجوان اٽي جي چڪي تي مزدوري ڪندو هو، جنهن مٿان چوري جو ڪوڙو الزام لڳايو ويو هو، دبر پوليس گذريل ڏينهن سندس پيءُ سليمان ڀٽي کي گرفتار ڪيو هو، جنهن سبب هو پريشان هو ۽ ان مامري تان هن انتهائي قدم کنيو، پورهيت جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.