روھڙي (ن پ ا) روھڙي پوليس ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ ويٺل جتوئي برادري جي 12 ڄڻن مٿان مبينا پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، روهڙي پوليس ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته بشير احمد، خان محمد، عابد حسين، سلمان، ماجد علي، ذوهيب، امان الله، محمد صديق، الاهي بخش، شهزادو، عامر ۽ عبدالرحمان جتوئي ڏوهه جي ارادي سان هٿيار هٿن ۾ کنيون شرف آباد بچاءَ بند تان اچي رهيا هئا ته پوليس پهچي ڏوهارين کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ چيو ۽ هٿياربندن پوليس مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ھوڏانھن سوشل ميڊيا تي روھڙي پوليس جي ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ تڪراري ڇهن ڪئنالن جي اڏاوت خلاف احتجاج ڪندڙن تي ڪيس داخل ڪرڻ تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، ٻئي پاسي چوٻول آهن ته ڪجھه ڏينھن اڳ شرف آباد ۾ قتل ٿي ويل جاويد ميراڻي جي گرفتاري لاءِ پوليس جتوئي برادري جي گهرن مٿان چڙهائي ڪئي، پوليس سان مزاحمت تي جتوئي برادري جي ماڻهن مٿان مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ھوڏانھن مقتول جاويد ميراڻي جي فريادي ڀاءُ عمران ميراڻي جو چوڻ آهي ته پوليس قتل ڪيس ۾ هڪ جوابدار عبدالحليم جتوئي کي گرفتار ڪيو آهي، ڌرڻي ۾ ويٺل ماڻهن مٿان ڪيس داخل ناهي ڪيو.