سکر: 12 ڏينهن کان ڦاٿل هزاين مسافر گاڏيون پنهنجي منزل طرف روانيون ٿي ويون، جڏهن ته ڊرائيورن جي چهرن تي خوشي جي لهر ڇانئجي وئي، سنڌ کان پنجاب ويندڙ ڊرائيورن جو چوڻ هو ته روڊ کلڻ تي هو ڏاڍا خوش آهن، هنن چيو ته سنڌ جا ماڻهو مهمان نواز آهن، جن 12 ئي ڏينهن ماني ۽ پاڻي فراهم ڪيو ۽ گاڏين توڙي سامان کي ڪو به نقصان نه پهچايو.