نصيرآباد(ن پ ا) نصيرآباد ۾ نوجوان اتحاد طرفان گاجي روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف ريلي ڪڍي آرٿل شاخ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ سارنگ تنيو ساگري،غلام نبي منگي، ساگر چانڊيو، توفيق ڪلهوڙو، حميد انقلابي، علي گوهر جتوئي، ضياب مغيري ۽ ٻين چيو ته گاجي روڊ جو ٽينڊر 2 ڪروڙ 90 لک جي لاڳت جو منظور ٿيل آهي، جنهن جي بجيٽ به اچي چُڪي آهي پر ٺيڪيدار روڊ جو ڪم اڌ مان ڇڏي گم ٿي ويو آهي هنن چيو ته روڊ جي سهولت جي نه هجڻ سبب سفري سهولتن کان محروم بڻيل آهيون.