“روڊن تي اچڻ کانسواءِ ڪو آپشن ناهي” عمران پاران ملڪ گير تحريڪ جي جيل مان قيادت ڪرڻ جو اعلان

0
31
ادارن کي اسان جي ضرورت آهي، سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن، تحريڪ کي ڪو روڪي نٿو سگهي: عمران
ادارن کي اسان جي ضرورت آهي، سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن، تحريڪ کي ڪو روڪي نٿو سگهي: عمران

راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ باني حڪومت خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات بعد بئريسٽر علي ظفر چيو ته احتجاجي تحريڪ جو مرڪز اسلام آباد نه هوندو، سڄي ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي، عمران خان واضح ڪيو آهي ته عدليه ۽ انتظاميا مان ڪوبه رليف نٿو ملي، اسان کي ڀت سان لڳايو ويو آهي، اسان وٽ روڊن تي اچڻ کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن نه آهي، پي ٽي آءِ باني چيو ته سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪنداسين جنهن کي مان پاڻ جيل مان ليڊ ڪندس، تحريڪ بابت سموريون هدايتون جيل مان ڏيندس، بئريسٽر علي ظفر چيو ته باني ذميواري ڏني آهي ته تحريڪ جو پلان تيار ڪري ڏيان، ايندڙ ملاقات ۾ احتجاجي تحريڪ جو پلان پيش ڪندس، وڪيلن ۽ پارٽي قيادت سان مشاورت بعد رٿابندي ڪنداسين، باني چيو ته هاڻي جيڪا تحريڪ هلندي اهڙي ڪڏهن به نه هلي هوندي، هن تحريڪ کي نتيجا ڏيندڙ بڻائڻو آهي، تحريڪ ۾ رڪاوٽون وڌيون وينديون آهن پر اسان کي به طريقا ايندا آهن، باني چيو ته پارٽي ليڊرشپ تي اعتماد آهي پر تحريڪ هو پاڻ ليڊ ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 5 جون تي عمران خان جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي يا نه، اهو سوال باقي آهي، پر اميد آهي ته رليف ملندو.