دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي ) ون ڊي، ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽيسٽ پليئرز جي هفتيوار رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل ون ڊي پليئرز رينڪنگ ۾ پاڪستان جي بابر اعظم جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، ڀارتي ڪپتان روهت شرما جي ٻي جڏهن ته ان فهرست ۾ ٽِين پوزيشن تي ڀارت جو ئي شُڀمَن گِل موجود آهي.ون ڊي بيٽرز رينڪنگ ۾ پاڪستان جو صائم ايوب ٽاپ سئو رانديگرن ۾ شامل ٿي ويو آهي، زمبابوي خلاف سينچري اسڪور ڪرڻ بعد صائم ايوب رينڪنگ ۾ 90 هين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.آءِ سي سي ون ڊي بالرن جي رينڪنگ ۾ پاڪستان جو شاهين آفريدي پهرين پوزيشن وڃائي ويٺو آهي، شاهين هڪ درجو تنزلي بعد ٻئي ۽ راشد خان هڪ درجو ترقي بعد پهرئين نمبر تي اچي ويو آهي.ٽيسٽ بيٽرن جي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي جوءِ روٽ جي نمبر هڪ پوزيشن برقرار آهي، ڀارت جي نوجوان بيٽر يشسوي جئسوال جو ٻه درجا بهتري بعد ٻيو جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ڪين وليمسن جي ٽيون نمبر آهي.ٽيسٽ بيٽرز جي رينڪنگ ۾ پاڪستان جي سعود شڪيل هڪ درجو بهتري بعد اٺين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.ٽيسٽ بالرن جي رينڪنگ ۾ ڀارت جي جسپريت بمرا هڪ ڀيرو ٻيهر نمبر ون بالر بڻجي ويو آهي، بمرا جي رينڪنگ ۾ ٻه درجا ترقي ٿي، جڏهن ته پاڪستان جي نعمان علي جو نائون نمبر برقرار آهي.ٽي ٽوئنٽي بيٽرن جي رينڪنگ موجب، آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ جي پهرين، انگلينڊ جي فل سالٽ جي ٻي ۽ ڀارت جي تلَڪ ورما جي ٽئين پوزيشن آهي.ٽي ٽوئنٽي بالرن ۾ انگلينڊ جي عادل رشيد جو پهريون، سريلنڪا جي ونندو هسارنگا جو ٻيو ۽ آسٽريليا ايڊم زمپا جو ٽيون نمبر آهي.