روٽي بنده کا جاندي اي!

0
65
روٽي بنده کا جاندي اي!

 ڪجهه اداسيءَ جا پل، ڪجهه نادار لمحا، ڪجهه بي وس گهڙيون، ڪجهه ڏڪندڙ وقت جا وراڪا، ڪجهه پاڻ کان بيزار ڪندڙ ڪهاڻيون آهن! شايد اسان دنيا جي تاريخ جي ان حصي مان گذرون پيا، جتي اڪثر ماڻهن جي حياتين ۾ رنج و الم ڪاهي پوندا آهن! مان نه ٿو ڄاڻان ته پڙهڻ وارا ڇا سوچيندا هوندا؟ ڇاڪاڻ ته مون سميت اڪثر ليکاري غم جون تصويرون اکرن جي صورت ۾ لکن ٿا. اخبارن ۾ اڪثر آرٽيڪل اداسائي، نااميدن ۽ مايوسين جا انبار کنيو اچن. ڪوشش جي باوجود انهن منظرن مان جان آجي نه ڪرائي سگهيو آهيان، جيڪي روز جي بنياد تي منهنجي اکين جي اڳيان گهمندا رهن ٿا. مان پنهنجي سعي سان انهن دردن کي لفظن جي صورت ڏيڻ ۾ به ناڪام آهيان. ان پيءُ جي درد کي ڀلا ڪهڙن لفظن ۾ لکجي، جيڪو بازار مان پنهنجي ٻار لاءِ مٽيءَ جا رانديڪا به وٺي نه ٿو سگهي. بس ان جي ڳرن قدمن ۽ ڀڳل دروازي  تي ڪيل کڙڪي تي ڪافي دير سوچيان پيو…… سوچيان پيو ته هن صبح جو مزدوريءَ لاءِ بازار ويندي، پنهنجي ٻار سان واعدو ڪيو هو ته شام جو هن لاءِ رانديڪا وٺي ايندو. هي ڇا هن جا هٿ خالي ۽ ايترا ڀاري ڇو ٿي ويا آهن؟ جو در تي کڙڪو ڪندي به هن کي ڄڻ صديون لڳي ويون هجن! اهو سوچيندي برطانوي ليکاري نيل گيمن جي ناول The Ocean at the End of the Lane ۾ بک تي لکيل سٽون ياد پون ٿيون. هن لکيو ته “مون اها دنيا ڏٺي آهي، جنهن تي ڄمڻ کان هلان پيو. مان سمجهان ٿو ته اها ڪيتري نازڪ آهي. اها پڻ حقيقت ته سالگره جي ڪيڪ تي سنهڙي برف جي تهه جيان، جنهن هيٺيان ڀوائتا خواب ۽ بک ڀريل هئي.” بک ۾ ايندڙ ڀوائتن خوابن ۾ الائي ڇو ان دوست جي ڳالهه دل سان لڳي، جنهن جنوري جي سرد صبح ۾ جنهن ۾ سڀ جذبا به ڄمي ويندا آهن، روڊ تي صفائي ڪندڙ همراهه جي ان ننڍڙي پٽ، جيڪو پنهنجي پيءُ کي ٻهارو کسي ننڍڙن هٿن سان پاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو،کي ڏسي چوڻ چوڻ لڳو: “ٻڌ يار، هن ننڍڙي جي جسم تي فرشتا به خوشبو هڻندا هوندا، ڏس ڪيترو نه ننڍڙو آهي ۽ ڪيترو وڏو ڪم ڪري پيو.” اردو جي شاعر نذير باقري هڪ ڀيري چيو هو ته “سوال هي آهي ته انسان کي ڪتابن ڇا ڏنو؟ جڏهن ته هو اڄ به ’مانيءَ‘ جي چئن اکرن ۾ ڦاٿو پيو آهي؟” سعادت حسين منٽو چيو “دنيا ۾ جيتريون به لعنتون آهن، بک انهن جي ماءُ آهي. بک جو قسم ڪهڙو به هجي، ڏاڍي خطرناڪ آهي.”

خوشحال خطي ۾ بک جون ڳالهيون لکڻ! آهي نه عجب جهڙي ڳالهه… اهو پڻ عجب ته ان مانيءَ جي حصول لاءِ ماڻهن کي ڊگهين قطارن ۾ بيهڻو پوي ٿو. زرعي حوالي سان شاهوڪار علائقي کي اهي ڏينهن به ڏسڻا پيا آهن. انهن ڊگهين قطارن ۾ بيٺل هر ماڻهوءَ جي پنهنجي ڪهاڻي آهي. هتي فقط جميل جي ڪهاڻي ونڊ ڪجي ٿي. جميل، جيڪو صبح جو اٽيءَ جي تلاش ۾ ڪجهه ڏوڪڙ کڻي گهران نڪتو ۽ شام لڙي واپس نه آيو. شام جو هن جي ٽٽل دروازي تي سندس ٻار ڪيترائي ڀيرا پنهنجي بابا کي ڏسڻ لاءِ آيا. پيءُ کي نه ڏسي ٻارَ هر هر ماءُ کان معلوم ڪندا رهيا. هنن جي ماءُ وٽ ڪوبه جواب نه هو. بس ڪجهه دير ۾ اطلاع مليو ته جميل کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. هن ٻين ماڻهن سان گڏ اٽي چڪي مالڪ خلاف نعري بازي ڪئي ته هو ڪالهه جي اگهه کان به مٿي اٽو ڏئي رهيو آهي. اهي ڳالهيون ٻڌي جميل جو ننڍڙو پٽ ماءُ جي ويجهو آيو، نماڻي نظر سان ماءُ ڏانهن  نهاري چوڻ لڳو: “امان اسان اڄ بک تي سمهون ٿا، خير آهي. بس ايترو ٻڌاءِ ته بابا کي ماني ملندي؟” پٽ جون ڳالهيون ٻڌي ماءُ وياڪل نظرن سان ان ڏانهن ڏسي خاموش ٿي وڃي ٿي. هن جون نظرون آسمانن ڏانهن کڄي وڃن ٿيون، جتي چنڊ به موڪل تي آهي. انهن منظرن ۾ علي بابا جي ڪهاڻي ’چنڊ ۽ ماني‘ جا منظر اڳيان اچي وڃن ٿا. علي بابا تي سوچيندي، آمريڪن ناولسٽ ڪيٿرن ايم. ويلنٽ ياد اچي وئي، جنهن ’فيري لينڊ سيريز -5‘ جي ناول The Girl Who Soared Over Fairyland and Cut the Moon in Two ۾ لکيو ته “فلسفي جي تري ۾ ڪجهه ڳالهيون بلڪل سچ ۽ تمام چٽيون آهن، جيڪي ڀڻڪن ٿيون ته هر ماڻهو، هر وقت بکيو هوندو آهي. هر انسان گهڻي کان گهڻو حاصل ڪري پنهنجو پيٽ ڀرڻ چاهي ٿو، پر بُکَ، پيٽ سان ڳالهائڻ نه ٿي چاهي. بک جون پنهنجون مجبوريون هونديو آهن.” ڪيٿرن جي جملي“بک جون پنهنجون مجبوريون هونديو آهن” پڙهي پنجاب جي صوفي شاعر بابا فريد جي هڪ ڳالهه ياد اچي وئي. بابا فريد جي خانقاهه تي هڪ عالم سڳورو آيو. هن سان گفتگو ۾ بابا فريد معلوم ڪرڻ چاهيو ته ’اسلام جا بنيادي رڪن ڪيترا آهن“؟ عالم جواب ڏنو “پنج آهن.” بابا فريد چيو ته ڇهون رڪن ’ماني‘ آهي.” عالم سڳوري کي اها ڳالهه ڏکي لڳي، نه مڃيائون. ڪجهه دير ۾ موڪلائي گهر ڏانهن روانا ٿيو ته رستي ۾ طوفان سبب رستو ڀلجي، ڀٽڪي ويو. اهڙي طرح ڪيترائي ڏينهن رڻ ۾ رلندو رهيو. بک هن جي جسم کي نهايت نحيف ڪري ڇڏيو. هڪ ڏينهن پري کان هڪ گهوڙي سوار پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي ان جي ويجهو ويو ۽ پاڻي مانيءَ جو چيائين. گهوڙي سوار هن سان ڳالهين کان پوءِ هن جي سڄي عبادت لکرائي صرف هڪ ماني ڏني. عالم سڳوري جي جسم ۾ توانائي بحال ٿي. هو گهر ڏانهن واپس ٿيو. ٻئي ڏينهن تي بابا فريد جي خانقاهه تي حاضري لاءِ پهتو ته بابا فريد هن کان وري سوال ڪيو “ڇا ماني ڇهون رڪن ڪونهي؟” جواب وري به نفي ۾ مليو. بابا فريد اندر وڃي، هن جي اها لکت کڻي آيو، جنهن ۾ هن پنهنجي سڄي عبادت هڪ مانيءَ جي عيوض گهوڙي سوار کي ڏني هئي. هو فقط ان ڪاغذ کي ڏسندو رهيو.”

ماڻهوءَ لاءِ ماني ڪيتري اهم آهي. ان لاءِ سڄي انساني تاريخ کي اٿلائي پٿلائي ڏسنداسين ته هر دؤر ۾ ماني، ماڻهوءَ جي مجبوري رهي آهي. اها مجبوري جيڪا ماڻهوءَ کي کائي ڇڏيندي آهي. ان ڪري ته ڪنهن پنجابي شاعر خوب چيو ته:

تو ڪي جاڻي يار  اميران، روٽي بنده کا جاندي اي