ڪراچي: بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر زاهد عباسي چارج وٺڻ شرط ئي ملازمن جي حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ نوان حڪم ناما جاري ڪري ڇڏيا، هن آفيسرن ۽ ملازمن کي صبح 9 کان شام 5 وڳي تائين پابندي سان آفيسن ۾ ويهڻ جي هدايت ڪئي آهي. جڏهن ته ملازمن جي حاضري لاءِ چڪاسڻ لاءِ محمد اسلم کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي.