حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) سنڌ جي روينيو کاتي جي نگران صوبائي وزير يونس ڍاڳا چيو آهي ته روينيو جا سمورا ملازم ۽ اسين هڪ گهر جا ڀاتي آهيون. روينيو ملازمن جا مطالبا جائز آهن. مختيارڪارن ۽ سب رجسٽرارن جي بجيٽ سڌي ريت رکي ويندي ۽ روينيو ملازمن کي روينيو الائونس ڏيڻ لاءِ سنڌ ڪابينا کان منظوري وٺندس. گذريل ڏينهن روينيو کاتي جي ملازمن، تپيدارن، مختيارڪارن ۽ سب رجسٽرارن جي تنظيمن جي جوڙيل روينيو الائنس پاران حيدرآباد بورڊ آف روينيو آفيس ٻاهران ڪرايل ڪنوينشن کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته توهان جا سڀ مطالبا جائز آهن جيڪي مطالبا اسين پورا ڪري سگهياسين اهي اسين ڪري وينداسين ۽ رهيل مطالبن لاءِ ايندڙ حڪومت کي بل ڏئي وينداسين ته هو پاس ڪرائي توهان جا مطالبا حل ڪن پر اڄ هڪ مطالبو آئون توهان وٽ کڻي آيو آهيان. هن چيو ته روينيو کاتو عزت وارو کاتو رهيو آهي، ان جي ڪا به ڳالهه اعتبار جوڳي ڇو نه رهي آهي. آئون به روينيو کاتي جو حصو رهيو آهيان ۽ ڊي سي به رهيو آهيان. هڪ دور اهڙو هو جڏهن تپيدار جي رپورٽ تي صدر، وزيراعظم، وزيراعليٰ ۽ گورنر اکيون پوري اعتبار ڪندا هئا ته تپيدار جي رپورٽ آهي اها سچي هوندي پر هاڻي اسين پنهنجو اعتبار پاڻ ختم پيا ڪريون. ڪو وڏيرو چوي ٿو ته هن جي چوڻ تي ڪم ڪريون ٿا. هن چيو ته اڳي ٻوڏ ايندي هئي ته روينيو کاتي جي عملدارن کي پئسا جاري ڪيا ويندا هئا ته هو متاثرن ۾ ورهائين پر هاڻي ٻوڏ اچي ٿي ته حڪومت کي روينيو عملدارن تي اعتبار ناهي ان ڪري انهن پاران متاثرن جي ٺاهيل لسٽون اين جي اوز وارا تصديق ڪن ٿا ۽ پئسا به اين جي اوز وارا پاڻ ورهائين ٿا. آخر اسين اهڙا ڇو ٿي ويا آهيون. ان موقعي تي آل سنڌ روينيو ايمپلائيز ايسوسيئيشن جي مرڪزي صدر سيد سردار علي شاهه صوبائي وزير آڏو مختيارڪارن، سب رجسٽرارن جي آفيسن جي ڌار بجيٽ رکڻ ملازمن کي روينيو الائونس ڏيڻ، مختيارڪارن ۽ ڊي سيز جا مئجسٽريٽي اختيار بحال ڪرڻ ۽ روينيو عملدارن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ سوڌو مختلف مطالبن تي ٻڌل چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو جنهن تي صوبائي وزير مطالبا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. ڪنوينشن ۾ روينيو اڳواڻن امجد علي لاشاري، تنوير ملاح، ڪشمير ڌاريجو، ڪاشف فريد شيخ، سڪندر بوزدار ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته ڪنوينشن سوين روينيو ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.