حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) سنڌ ۾ ماڻهن جي ملڪيتن جي وڪري لاءِ جاري ٿيندڙ سيل سرٽيفڪيٽن بابت انڪشاف ٿيو آهي ته بورڊ آف روينيو سنڌ پاران جاري ڪيل 708 سيل سرٽيفڪيٽ بڪ ٻن مهينن کان گم آهن ۽ سنڌ جي مختيارڪارن ڄاڻايل بڪ اسڪينگ لاءِ واپس جمع نه ڪرايا آهن. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر پي آر سي زين العابدين ميمڻ سنڌ جي 157 مختيارڪارن کي ليٽر لکي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته رڪارڊ جي جاچ ۽ انسپيڪشن مان پتو پيو آهي ته ٻن مهينن کان سنڌ جي 157 مختيارڪارن آفيسن مان 708 سيل سرٽيفڪيٽ بڪ اڃا تائين واپس جمع نه ڪرايا ويا آهن جيڪي فوري طور تي واپس جمع ڪرايا وڃن. ليٽر ۾ ٽنڊو آدم، اسلام ڪوٽ، منگهو پير، سجاول جوڻيجو، ميرپور، خيرپور، تنگواڻي، مانجهند، سيوهڻ، ميهڙ، ڪوٽڙي، بڪيراڻي، گهوڙا ٻاڙي، ڪراچي جي اسڪيم 33، سعيد آباد، ميرپور ساڪرو، بلڙي شاهه ڪريم، ڪورنگي، شاهبندر، اورنگي ٽائون، جاتي، شڪارپور، سانگهڙ، تلهار، سجاول، مراد ميمڻ، محرابپور، ڏوڪري، ڪوٽڙي، ڪنڌڪوٽ، چمبڙ، قاسم آباد، نوابشاهه، نارا، حيدرآباد ٻهراڙي، حيدرآباد سٽي، ميهڙ، ايئرپورٽ، نصير آباد، نيو سکر، دادو، تلهار، وارهه، سکر شهر، شاهه مريد، ٺل، شهيد فاضل راهو، مٽياري، جيڪب آباد، مٺي، مورو، خانڳڙهه، جهنڊو مري، ٽنڊو باگو، ميرو خان، گلشن اقبال، پنو عاقل، ڳڙهي ياسين، ٽنڊو غلام حيدر، بدين، ٺٽو، ٿاڻو بولاخان سميت 157 تعلقن کي سيل سرٽيفڪيٽ بُڪ فوري طور تي جمع ڪرائڻ لاءِ چيو ويو آهي. ليٽر ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته مختيارڪارن، ڄاڻايل بُڪ پي آر سي مان ورتا جن ۾ عبدالحميد نهڙيو 26، ممتاز علي ٽالپر 25، غلام حيدر سميجو 14، اعجاز علي چانڊيو 12، منصور علي ڪلهوڙو 10، عبدالحق چاوڙو 10، عمير ميمڻ 9، خالد حسين لنڊ 9، عمران شبير کوکر 8، محمد ابراهيم جوڻيجو 8، محمد اسلم چانڊيو 7، آصف علي سومرو 7، عمران علي جسڪاڻي 7، غلام شبير ميرجت 6، محمد اسلم شر 6، پرويز علي ڀٽو 6، ساجد خاصخيلي 6، نويد علي سپيو 5، نظير احمد خاصخيلي 5، ڪامران برهماڻي 5، اعجاز احمد ٻرڙو 5، شفقت علي شاهه 5، عبدالجليل بروهي 5، سعيد احمد جوکيو 5 ۽ الله بخش مگسي 5 سيل سرٽيفڪيٽ بُڪ ورتا هئا جيڪي اڃا تائين جمع نه ٿيا آهن. ذريعن موجب سيل سرٽيفڪيٽ جا بُڪ هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي ۾ استعمال ٿيڻ جو خدشو آهي جنهن سبب ڄاڻايل ليٽر لکي مختيارڪارن کي فوري طور تي سيل سرٽيفڪيٽ بُڪ اسڪيننگ لاءِ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.