ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار، هدايتڪار ۽ پروڊيوسر اجي ديوگن جي فلم “آزاد” جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي، ڀارتي ميڊيا موجب فلم آزاد ۾ اجي ديوگن مرڪزي ڪردار نڀائيندي نظر ايندو، جڏهن ته روينا ٽنڊن جي ڌيءَ راشا ٿڊاني ۽ اجي ديوگن جو ڀاڻيجو امان ديوگن فلم ذريعي بالي ووڊ ۾ پنهنجو پهريون قدم رکي رهيا آهن، ايڪشن ۽ ٿرلر سان ڀرپور فلم جو سنسني خيز ٽريلر رليز ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڊيانا پينٽي به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نظر اچي رهي آهي، فلم جي ڪهاڻي برصغير ۾ انگريزن جي قبضي ۽ هندن جي حالتن جي چوڌاري گهمي ٿي، جنهن ۾ اجي ديوگن هڪ ڌاڙيل، جيڪو باغي ٿي چڪو آهي، جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ياد رهي ته فلم آزاد 17 جنوري تي ڀارت سميت دنيا جي ڪيترن سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.