سکر (بيورو رپورٽ) پي ٽي ايم اڳواڻ علي وزير جي روهڙي ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ گرفتاري سامهون اچي وئي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران کيس جوڊيشل رمانڊ تي سينٽرل جيل سکر اماڻيو ويو، روهڙي ٿاڻي تي پهرين فيبروري تي سرڪار جي طرفان اي ايس آءِ منور علي آچراڻي جي فرياد تي حساس دارن، پاڪ فوج خلاف ۽ بغاوت تي اڪسائڻ جي الزام هيٺ دهشتگردي ايڪٽ تحت علي وزير سميت 10 کان 15 نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر واري اي ٽي سي تحت ڪيس ۾ علي وزير ولد عالم ان ويٺل سائوٿ وزيرستان جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي، پهرين فيبروري تي روهڙي ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ علي وزير کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جيل ذريعن موجب عدالت جوڊيشل رمانڊ تي علي وزير کي 17 فيبروري تائين سينٽرل جيل سکر موڪلي ڇڏيو آهي، ذريعن موجب علي وزير پشتون تحفظ موومينٽ جو اڳوڻو ايم اين اي آهي.