روھڙي (رپورٽ: اي ڊي گهنڃو) روھڙي ۾ جاگيراڻي خوني تڪرار تان جهيڙي ۾ وري هڪ ڄڻو عبدالڪريم پٽ الياس جاگيراڻي مارجي ويو آهي، علائقو جنگ جو ميدان بڻيل رهيو، جهانگڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ خرم جاگيراڻي ۽ گلشير جاگيراڻي ۾ مينهن جي چوري واري معاملي تان جاڳيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو وڌي خوني تڪرار تائين پهتو آهي، پوليس جهيڙي واري هنڌ نه پهتي جنهن ڪري پيرسن الياس پنهنجي مارجي ويل پٽ جو لاش چنگچي رڪشا تي کڻائي جهانگڙو ٿاڻي تي پهچايو، جنهن بعد پوليس لاش روهڙي تعلقي اسپتال پهچايو تعلقي اسپتال مان مڙھ ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي آخري اطلاعن تائين واقعي بابت ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو، اڍائي مهينن اندر ڄاڃاڻي ۽ خورماڻي پاڙي جي ٻنهي ڌرين جا پنج ماڻهو مارجي ويا آهن، جڏهن ته هڪ عورت سميت پندرهن کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيل آهن، جڏهن ته گولي لڳڻ سبب هڪ پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿيو هو، بدلي جي باھ ۾ جهيڙيندڙ ڌرين ڏانهن ٺاھ لاءِ ويل ميڙ منٿ قافلن کي به مَان ناهي ڏنو ويو، ٺاھ لاءِ ٻئي ڌريون راضي ٿيندي نظر نه پيون اچن پوليس به خوني جهيڙي تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي، جنهن ڪري آس پاس وارن ڳوٺن رهندڙ ٻين ذاتين تي به روز جي جديد هٿيارن سان فائرنگ سبب خوني جهيڙي جا ڀوائتا اثر پئجي رهيا آهن، روز جي ڏهاڙي ڪمائي کائڻ وارا بيروزگار گهرن تائين محدود آهن ۽ اسڪولي ٻارڙن جي تعليم پڻ متاثر ٿي رهي آهي.