روھڙي(ن پ ا) روهڙي جي ڳتيل آبادي واري علائقي ميمڻ محلي ۾ 3 ڏينهن اڳ معصوم ٻارڙي ارزلان ڀٽو جي کليل گٽر نالي ۾ ڪري فوت ٿيڻ واري واقعي جو صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ ضلعي ڪائونسل چيئرمين نوٽيس ورتو ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي، ان ڏس ۾ ڪالهه ميونسپل چيئرمين يعقوب علي شاهه آفيس سپريٽينڊنٽ غلام قادر رُڪ کي چيف آفيسر ۽ سينيٽريشن جي چارج تان هٽائي ڇڏيو، جڏهن ته چيف سينيٽري انسپيڪٽر راجيش ڪمار ۽ ميونسپل انجنيئر سول قمر عباس شاهه کي پڻ معطل ڪيو ويو آهي، غلام قادر رُڪ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ساڻس سخت پڇاڻو ڪندي غفلت جو ٽن ڏينهن اندر لکت ۾ جواب طلب ڪيو ويو آهي.