روھڙي (ن پ ا) روهڙي ويجهو دبر ٿاڻي جي حد ۾ گذريل ڏينهن زميني تڪرار تان جاگيراڻي ۽ کوسا برادري جي ٻن ڌرين جھيڙي دوران فائرنگ ۾ قتل ٿيل واٽھڙو گل حسن چوهاڻ جي وارثن پاران قاتلن جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف ڪنڍي فارم ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي طرف ڊي ايس پي روهڙي ۽ ايس ايچ او دبر مظاهرين سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو، هوڏانهن نوجوان جو قتل ڪيس امتياز، طاھر، فاروق، فائق سميت 5 سڃاتل ۽ 3 اڻ سڃاتل ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فائرنگ ۾ زخمي ٿيل 3 ڄڻن جو سکر سول اسپتال ۾ اعلاج جاري آهي.