روھڙي (ن پ ا) روهڙي ويجهو مڙس هٿان ڪارنهن الزام ۾ نوجوان زال قتل، لاش ٻيڙي ۾ چاڙهي وارثن ڏانهن اماڻي ڇڏيو، پوليس پهچي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو، جوابدار فرار، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ مير محمد مهر الف ڪچو ۾ جوابدار مڙس امتياز ناريجو پنهنجي نوجوان زال نصرت خاتون ناريجو کي مبينا ڪارنهن الزام مڙهي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد لاش ٻيڙي ۾ کڻائي والدين ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو، نياڻي جو لاش وصول ڪرڻ لاءِ پيءُ ماءُ روھڙي پهتا، اطلاع ملڻ تي روهڙي پوليس ستين جي آستان وٽ سنڌو درياهه جي ڪپ تي پهچي قتل ٿيل عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول عورت جي پيءُ نصر الله ناريجو ٻڌايو ته هو گمبٽ جا رهواسي آهن، سندس ڌيءَ کي گهر کان ٻاهر زرعي زمين تي بيگناهه مڙس قتل ڪري فون تي اطلاع ڏنو، هوڏانهن روھڙي پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جو لاش ٻيڙي ۾ سندس سس سوني ناريجو کڻائي درياهه پار ڪري رهي هئي ته ڪارروائي ڪئي، قادرا پور ٿاڻي جي حد آهي جنهن کي اهڙو اطلاع ڏنو ويو آهي، وڌيڪ جاچ قادرا پور پوليس ڪندي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري سگهي هئي.