روھڙي (ن پ ا) روهڙي ويجهو پير غيب روڊ تي تيز رفتار ويگو گاڏي پوليس اهلڪار جي ڪنٽرول مان نڪري موٽر سائيڪل مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 12 سالا عمران ميراڻي، 6 سالا مائرا ۽ 4 سالا حبدار ميراڻي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ روهڙي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٽنهي ٻارڙن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين ايمبولينس ذريعي سکر جي نجي اسپتال نيو ويو، زخمي ٻارڙن جي پيءُ اشرف ميراڻي جو چوڻ هو ته نشي ۾ ڌت پوليس اهلڪار شاهد مهر ويگو گاڏي هلائي رهيو هو، جنهن گاڏي موٽر سائيڪل مٿان چاڙهي ڇڏي، پٽڻي پوليس پنهنجي پٽي ڀائي جي وانگار وهندي اهلڪار کي گرفتار ڪرڻ بدران ڇڏي ڏنو آهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اهلڪار کي گرفتار ڪيو وڃي.