روهڙي (ن پ ا) سينٽرل جيل ون روهڙيءَ جي جيل سپرنٽينڊنٽ اشفاق احمد ڪلوڙ عيدالفطر جي خوشيءَ ۾ سزا يافته قيدين جي سزا ۾ ٻه مهينا عام معافيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پ پ اڳواڻ پاران 1600 قيدين ۾ عيد جا ڪپڙا ۽ تحفا ورهايا ويا. تفصيل موجب سينٽرل جيل ون ۾ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ پ پ اڳواڻ حاجي زبردست مهر ۽ سڪندر مهر پاران قيدين ۽ جيل جي ننڍن ملازمن ۾ 1600 کان وڌيڪ ڪپڙن جا جوڙا ۽ تحفا ورهايا ويا. ان موقعي تي جيل سپرنٽينڊنٽ اشفاق احمد ڪلوڙ عيدالفطر جي خوشي ۾ سزا يافته قيدين جي سزا ۾ ٻن مهينن جي عام معافي جو اعلان ڪندي چيو ته جيل ۾ موجود قيدين کي سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ سندن اصلاح اولين ترجيح آهي. جڏهن ته پ پ اڳواڻ حاجي زبردست مهر جو چوڻ هو ته سينٽرل جيل ون ۾ 90 سيڪڙو قيدي بيگناھ باندي بڻيل آهن جن کي قبيلائي جهيڙن ۽ علائقي جي بااثر ماڻهن پاران انتقامي ڪارواين جو نشانو بڻائي جيل ۾ پهچائي ڇڏيو آهي.