روهڙي (ن پ ا) روهڙي جي دبر واري علائقي ۾ پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حال ٿي وئي، ڇت جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو، اسڪول ۾ فرنيچر ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ خلاف استادن، شاگرد ۽ ڳوٺاڻن پاران جلوس ڪڍي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. مظاهرين جو چوڻ هو ته اسڪول عمارت جي ڇت جا ڇاپڙ ڪِرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي. ڪيترائي ئي ڀيرا معصوم ٻارڙا زخمي به ٿيا آهن. ايجوڪيشن ورڪس انتظاميا رڳو ڪوڙا بل ٺاهي پئسا هڙپ ڪرڻ ۾ رڌل آهي. استادن محمد ھارون جتوئي، غلام بشير جاگيراڻي، ڳوٺاڻن عبدالحفيظ سومرو، انور علي مهر، نديم شاھ، ۽ ٻين احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول عمارت جي مرمت ڪرائي گهربل سهولتون فراهم ڪيون وڃن.