دبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽيم جو ڪپتان روهت شرما ون ڊي فارميٽ ۾ تيز ترين 11 هزار رنسون مڪمل ڪندڙ دنيا جو ٻيو بيٽر بڻجي ويو.تيز ترين 11 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ جو رڪارڊ ويرات ڪوهلي وٽ آهي، جنهن 222 ميچن ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏنو، جڏهن ته روهت شرما 261 اننگز ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏنو آهي.ڀارتي ڪپتان چيمپيئنز ٽرافي ۾ بنگلاديش خلاف ميچ دوران اهو اعزاز ماڻيو، جڏهن ته هو 11 هزار رنسون ٺاهيندڙ دنيا جون مجموعي طور ڏهون بيٽر بڻجي ويو آهي.ان کان اڳ سچن ٽنڊولڪر، انضمام الحق، سنٿ جي سوريا، سارو گنگولي، رڪي پونٽنگ، جيڪ ڪيلس، ڪمار سنگاڪارا، مهيلا جي ورڌني ۽ ويرات ڪوهلي اهو ڪارنامو انجام ڏئي چڪا آهن.