دبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما اڳوڻي ليجنڊري بيٽر سچن ٽنڊولڪر جو هڪ اهم رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. روهت شرما پاڪستان خلاف چيمپيئنز ٽرافي جي گروپ ميچ دوران ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 9 هزار رنسون مڪمل ڪندڙ اوپنر بڻجي ويو. هن پنهنجي پهرين رنس ٺاهڻ سان گڏ ئي اِهو اعزاز حاصل ڪيو ۽ ون ڊي ۾ 9 هزار رنسون ٺاهيندڙ ڇهون اوپنر بڻيو. ان کان اڳ سچن ٽنڊولڪر، سنٿ جئه سوريا، ڪرس گيل، ايڊم گلڪرسٽ ۽ سارو گنگولي اِهو ڪارنامو انجام ڏئي چڪا آهن. خاص ڳالهه اِها آهي ته روهت شرما سڀني کان تيزيءَ سان 9 هزار رنسون ٺاهيون، هن رڳو 181 اننگز ۾ اِهو رڪارڊ قائم ڪيو، جڏهن ته سچن ٽنڊولڪر کي اِهو سنگ ميل عبور ڪرڻ لاءِ 197 دفعا بيٽنگ ڪرڻي پئي هئي. ياد رهي ته چيمپيئنز ٽرافي جي اهم ميچ ۾ ويرات ڪوهلي جي سينچري جي مدد سان ڀارت پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏني.