نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارت جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما انگلينڊ جي خلاف ٽيسٽ سيريز نه کيڏڻ جا امڪان ظاهر ڪيا آهن، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ موجب روهت شرما جي ٽيسٽ ۾ خراب پرفامنس سبب انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز نه کيڏڻ جا امڪان آهن، رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته روهت شرما ميچ نه کيڏڻ بابت اڳ ئي فيصلو ڪري چڪو آهي، جنهن بعد ويرات ڪوهلي جي اسڪواڊ ۾ جڳهه يقيني هئڻ جا امڪان ظاهر ٿي ويا آهن، واضح رهي ته روهت شرما ماني بورڊ گواسڪر ٽرافي جي ٽن ٽيسٽ ميچن ۾ 31 رنسون ڪيون هيون، جنهن بعد روهت شرما آسٽريليا خلاف سڊني ٽيسٽ به نه کيڏي هئي،انگلينڊ خلاف ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو 45 ڏينهن جو دورو هيڊنگلي ٽيسٽ کان شروع ٿيندو جتي ڀارتي ٽيم انگلينڊ خلاف 5 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندو.