لزبن (اسپورٽس نيوز) پرتگالي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو هڪ ٻيو وڏو اعزاز ماڻي ورتو، هو پنهنجي ڪيريئر ۾ 900 گول اسڪور ڪندڙ دنيا جو پهريون فٽبالر بڻجي ويو آهي.رونالڊو اهو اعزاز خميس ڏينهن لزبن ۾ يوئيفا نيشنز ليگ جي گروپ ميچ ۾ پرتگال جي نمائندگي ڪندي ڪروشيا خلاف گول ڪري حاصل ڪيو. پرتگال ميچ ۾ ڪروشيا کي هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏني. رونالڊو پرتگال طرفان کيڏندي 131 گول ڪيا آهن، جيڪي ڪنهن به رانديگر طرفان سڀ کان وڌيڪ انٽرنيشنل گول آهن. ڪلب مقابلن جي ڳالهه ڪجي ته رونالڊو مانسچٽر يونائيٽيڊ طرفان 145، رياد ميڊرڊ طرفان 450 ۽ جووينٽس جي نمائندگي ڪندي 101 گول ڪيا. ان کانسواءِ رونالڊو پنهنجي موجوده ڪلب النصر طرفان 68 گول ۽ بزلن لاءِ 5 گول اسڪور ڪيا آهن.ڪروشيا خلاف ميچ ۾ ڪيريئر جا 900 گول مڪمل ڪرڻ تي ڪرسٽيانو رونالڊو جذباتي نظر آيو. واضح رهي ته سڀ کان وڌيڪ گول اسڪور ڪندڙن جي فهرست ۾ ٻئي نمبر تي ارجنٽينا جو ليونل ميسي آهي، جنهن 842 گول ڪيا آهن.