سعودي عرب(اسپورٽس نيوز)اي آءِ ٽيڪنالاجي پرتگال جي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو کي پنهنجي زال سان گڏ مقدس هنڌن جي دورو ڪرائي ڇڏيو، سعودي فٽبال ڪلب النصر جي مشهور فٽبالر جي سعودي عرب جي مقدس ترين مقام جي مصنوعي ذهانت (اي آءِ) ذريعي دوري جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.رونالڊو کي پنهنجي زال سان زيارت ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، جنهن تي ڪيترن ئي صارفين طرفان تنقيد ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪجهه ان تصوير کي حقيقت جي ويجهو به قرار ڏنو آهي.اهي تصويرون النصر فٽبال ڪلب جي اڳوڻي گول ڪيپر وليد عبدالله جي ان بيان کانپوءِ وائرل ٿيون آهن، جنهن ۾ هن چيو هو ته ڪرسٽيانو رونالڊو اسلام قبول ڪرڻ چاهي ٿو.