ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان اُڀرندڙ اداڪارا، ماڊل روميسه خان پنهنجي سماجي زندگيءَ بابت هڪ دلچسپ انڪشاف ڪندي ٻڌايو آهي ته هوءَ هاڻي رڳو ڇوڪرين سان ئي دوستي ڪري ٿي. ” چاند تارا“ ۽ ” حادثه“ جهڙن ڊرامن ۾ پنهنجي ڪم ذريهي شهرت ماڻيندڙ روميسه، علي سفينه جي شو ۾ پنهنجي ذاتي زندگي بابت ڪجهه انوکن رخن تي تفصيلي ويچار ونڊيا. شو دوران اداڪارا ٻڌايو ته ” مان ننڍپڻ ۾ ڇوڪرن سان گهڻي گهري ٿي ويندي هيس، ڇو ته تنهن وقت ڇوڪرين سان نه لڳندي هئي، پر وقت سان گڏوگڏ سوچ ۾ تبديلي آئي ۽ هاڻي ڇوڪريون ئي منهنجون بهترين دوست آهن.“ هن وضاحت ڪندي چيو ته جيتوڻيڪ هوءَ ڇوڪرين کي سڃاڻي ٿي ۽ سماجي تقريبن ۾ ملندي رهي ٿي، پر هاڻي سندس ڇوڪرن مان ڪو به ويجهو ” دوست “ نه آهي. اداڪارا وڌيڪ چيو ته هوءَ انسٽاگرام تي به ڇوڪرين سان دل سان ڳالهه ٻولهه ڪندي آهي، پر ڇوڪرين جي ڊي ايم کان پاسو ڪندي آهي.