سنڌ ۾ رولو ڪُتن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، جنهن سبب عوام جي زندگي ڏاڍي مشڪل ٿي وئي آهي. ڪُتن جي وڌندڙ تعداد جي ڪري ڪيترن ئي شهرين کي ڪُتن جي ڏاڙھڻ جا واقعا پيش اچي رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو ريبيز جهڙي موتمار بيماريءَ جو شڪار ٿي رهيا آهن. ڪُتا ماڻھن تي، خاص ڪري ٻارڙن تي حملو ڪري اُنھن کي ڏاڙھي ماري ٿا ڇڏين، جنھن جو تازو مثال اھو آهي ته، موري ڀرسان ڳوٺ مناهي ۾ ڇتن ۽ رولو ڪُتن ٻن اسڪولي شاگردن کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، جيڪي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا. ڇِتن ۽ رولو ڪُتن جي خوف کان مائٽن پنھنجي ٻارڙن کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آھي.

رولو ڪُتن جي وڌڻ جا ڪيترا ئي سبب آهن، جن ۾ سڀ کان وڏو سبب شهرن ۽ ڳوٺن ۾ صفائيءَ جو ناقص نظام آهي. مڪاني انتظاميا طرفان ڪچرو صحيح طريقي سان نه کڻڻ ۽ مناسب صفائيءَ جا اُپاءَ نه وٺڻ جي ڪري، علائقن ۾ اروڙيون وڌي رھيون آهن، جتي رولو ڪُتن جي “طعام ۽ قيام جو اعلي’ انتظام” ٿيل ھوندو آھي. اُتي اُنھن کي “افزائش نسل” جا موقعا پڻ ميسر ھوندا آھن، جنهن ڪري اُنهن جو تعداد تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. ٻيو اهم سبب هوٽلون، گوشت ۽ مڇيءَ جون مارڪيٽون ۽ پولٽري فارم آهن. پولٽري فارمن تي مُئل ڪُڪڙ زمين ۾ پُورڻ يا اُنهن کي آبادين کان پري ڇڏڻ جي زحمت نٿي ڪئي وڃي ۽ اُنهن پولٽري فارمن تي پڻ ڪُتن جو وڏو تعداد پلجي رهيو آهي. ان کان سواءِ رولو ڪُتن جي وڌندڙ تعداد سان ڪيترائي سماجي ۽ صحت جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. ڪُتن جي ڏاڙھڻ جا واقعا تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن، خاص طور تي ٻارڙن ۽ بُزرگن کي وڌيڪ خطرو هوندو آهي. ھاڻي ته انھن رولو ڪُتن جو تعداد ايترو ته وڌي ويو آهي، جو معصوم ٻارڙا اُنھن جو نشانو بڻجي رھيا آھن، ڪُتن جي لوڌ ڪنھن ٻارڙي تي حملو ڪري، ڏاڙھي، کائي ماري ٿي ڇڏي، جيئن موري ڀرسان ٿيو آهي. ھونئن به سياري جي مُند شروع ٿيندي ئي “ڇت-ڪُتائي” شروع ٿي ويندي آهي. ڪُتا ڇِتا ٿيندا آھن. ريبيز بيماري، جيڪا ڪُتي جي ڏاڙھڻ سبب ٿيندي آهي، موتمار آهي ۽ وقت تي علاج نه ٿيڻ جي صُورت ۾ مريض کي موت جو خطرو هوندو آهي.

مڪاني انتظاميا جو ڪردار هن صُورتحال ۾ انتهائي اهم آهي، پر افسوس سان اهو ڏٺو ويو آهي ته، انتظاميا هن مسئلي کي سنجيدگيءَ سان نٿي وٺي. اڳ ۾ ائين هوندو هو ته، ميونسپل انتظاميا ڪُتن جي “آبادي” گهٽائڻ لاءِ هر سال “پُڙيءَ” واري “ٿيراپيءَ” کي آزمائيندي هئي، جنهن سان ڪُتن جو وڏو تعداد گهٽجي ويندو هو. مڃيون ٿا ته، اهو سراسر ظُلم هو ۽ اهڙن عملن خلاف جانورن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمون پڻ آواز اُٿارڻ لڳيون هيون ۽ پوءِ ميونسپل انتظاميا توڙي سنڌ سرڪار جي صحت کاتي ان جو ڪو متبادل ڳولڻ بدران معاملي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، نتيجي ۾ ڪُتن جي “آبادي” ايتري ته وڌي وئي آهي، جو هاڻي اُها ماڻهن، خاص طور تي بزرگ شهرين ۽ ٻارڙن کي نقصان پهچائڻ لڳي آهي. سنڌ سرڪار طرفان به کِلَ جوڳا عمل ٿيڻ جوڳا منصوبا جوڙيا وڃن ٿا، جن تي عمل نٿو ٿي سگھي. ڪجھ سال اڳ سنڌ سرڪار رولو ڪُتن کي خصي ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو ھو، جنھن جو ڪو به لاڀ نه مليو. ڪُتن جي ڏاڙھڻ کانپوءِ ريبيز جي روڪٿام لاءِ اينٽي ريبيز ويڪسين انتهائي ضروري آهي پر اهو ڏٺو ويو آهي ته، سنڌ جي اڪثر اسپتالن ۾ ويڪسين جي کوٽ آهي. هن ويڪسين جي کوٽ سبب ڪيترن ئي مريضن جي زندگي خطري ۾ پئجي وڃي ٿي. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته، رولو ڪُتن جي تعداد کي گھٽائڻ لاءِ اثرائتي ۽ عمل جوڳي رٿابندي ڪئي وڃي. آبادين مان اروڙيون ختم ڪري صفائيءَ جو بھتر انتظام ڪيو وڃي. اسپتالن ۾ اينٽي ريبيز ويڪسين جي فراهميءَ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن به ايمرجنسيءَ جي صورت ۾ متاثرن کي مفت علاج جي سھولت ملي سگھي. رولو ڪُتن واري مسئلي جي حل لاءِ مڪاني انتظاميا، صحت کاتي ۽ عوام کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.