ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ رولو ڪتن جي آزار خلاف درخواست منظور ڪندي مڪاني کاتي جي سيڪريٽري ۽ اينٽي ريبيز پراجيڪٽ جي پي ڊي کان رڪارڊ 22 نومبر تي طلب ڪري ورتو، درخواست گذار طارق منصور جو چوڻ ھو ته سول اسپتال ڪراچي ۾ روزانو  150ڪتي چڪيل شھري اچن ٿا، ڪي ايم سي جي اسپتال سميت ٻين اسپتالن ۾ پڻ سوين ڪتن جا چڪيل اچن ٿا، سال 2022ع ۾ صوبي ۾ رولو ڪتن 2 لک شهرين کي چڪي زخمي ڪيو هو ، ڪتن کي خصي ڪرڻ لاءِ ٺاهيل قانون تي ھن مھل تائين عمل ناهي ڪيو ويو، عدالتي حڪم تي 34 سرڪاري اسپتالن ۾ ويڪسين فراهم ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي پر اڄ به سنڌ جي مختلف اسپتالن ۾ ويڪسين موجود ناھي.