روشنيءَ جو سفر

0
23
روشنيءَ جو سفر

گذريل ڪجھ ڏينهن اندر مون ڊاڪٽر مبارڪ حيدر جا ٻه ڪتاب “تهذيبي نرگسيت” ۽ “مغالطي مبالغي”، رسول ميمڻ جو ڪتاب “خدا، روح ۽ سائنس” (سائنس ۽ فلسفو) ۽ پائلو ڪوئلهو جو ناول  “ڪيمياگر” پڙهي پورو ڪيو اٿم. انهن چئني ڪتابن وچ ۾ گھڻيون ئي ڳالهيون الڳ الڳ نوعيت جون آهن ته منجھن ڪي هڪ جهڙايون پڻ آهن. ڊاڪٽر مبارڪ حيدر جي ڪتابن ۾ نرگسيت جي مرض ۾ مبتلا مسلمان آباديءَ جو الميو بيان ڪيو آهي، ڊاڪٽر رسول ميمڻ مذهب ۽ سائنس جي حساس نوعيت جي عنوان تي طبع آزمائي ڪئي آهي، جڏهن ته پائلو ڪوئلهو جو “ڪيمياگر” خوابن جي ساڀيان لاءِ انساني جدوجهد تي فوڪس آهي.

                 ڊاڪٽر مبارڪ حيدر جا ڪتاب اسان کي هڪ خيالي دنيا مان ٻاهر نڪرڻ جو ڏس ڏيڻ سان گڏ گس به ٻڌائين ٿا. انهن ڪتابن ۾ اسان کي ڄاڻ ملي ٿي ته ڪيئن نه اسان شين کي پنهنجي اصلي، صحيح روپ ۾ ڏسڻ بدران پنهنجي خواهشن موجب ڏسڻ جي ڪوششن ۾ رڻ جا رولاڪ بڻجي ٿا پئون. ڪجھ عيار ۽ مڪار ماڻهون مذهبي جوش ۽ جنون کي چريائپ جي حد تائين وڌائي انهن مان پنهنجا ذاتي ۽ گروهي فائدا حاصل ڪن ٿا. اسان جا اٻوجھ ماڻهون اهو ٿا سمجھن ته اهي خدا ۽ ان جي رسول جي پيروي پيا ڪن، جهاد پيا ڪن ۽ دنيا اندر الله ۽ سندس سچي رسول جو پيغام پيا پکيڙين ۽ مرڻ کان پوءِ واري سدا جاري رهڻ واري دنيا اندر پنهنجي لاءِ جايون پيا جوڙين، پر افسوس ته اسان جنهن علائقي جا مڪين آهيون، اتي ڪن چالاڪ، حرفتي ۽ مڪار ماڻهن مذهب کي ڪاروباري شڪل ڏئي ڇڏي آهي. اهي نام نهاد مذهبي ٺيڪيدار مذهبي معلومات کي يا ته وڌائي پيش ڪندا آهن يا وري ڪن حقيقتن کي لڪائي ڇڏيندا آهن. ٻنهي صورتن ۾ سچ کي اجاگر ڪرڻ کان روڪيو ويندو آهي. اسان جا نشرياتي ادارا ڪوڙ بدوڙ جون فيڪٽريون کوليو ويٺا آهن جتي، چوويهه ڪلاڪ ڪوڙ جو وکر وڏي طمطراق، اعتماد ۽ فخر سان وڪرو ڪيو پيو وڃي. اليڪٽرانڪ، پرنٽ توڙي سوشل ميڊيا  تي ڪيئي نام نهاد سياسي تجزيا نگار، ڪيئي نام نهاد مذهبي ٺيڪيدار، ڪيئي نام نهاد اسڪالر منجھيل ماڻهن کي وڌيڪ منجهائڻ، عام سادن انسانن کي رڻ ۾ رلائڻ جا جتن پيا ڪن. هٽلر جي دوست مسوليني چيو هو ته هڪ ڪوڙ کي ستر دفعا ورجايو، ماڻهو ان کي سچ سمجھڻ لڳندا. سندس انهن هدايتن کي نظر ۾ رکندي هتي سندس روحاني پوئلڳ ڪنهن ڪوڙ کي محض ستر دفعا نه پر ستر هزار دفعا ڪاڪڙو ڦاڙي ورجائي ورجائي بيان پيا ڪن! عام انسان حيران ۽ پريشان آهن، کين سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته ڇا سچ آهي ۽ ڇا ڪوڙ؟! اهڙي خسيس پڻي واري ماحول ۾ ڊاڪٽر مبارڪ حيدر جا ڪتاب آرهڙ جي تتل ڏينهن ۾ بڙ جي گھاٽي ڇانوَ جهڙو ٿڌڙو احساس ڏيارين ٿا. اسڪالر پنهنجي وت ۽ وس آهر مذهب جي نالي ۾ ٻارڻ بڻجندڙ ماڻهن کي سمجھائڻ، سندن ذهنن تي لڳل ڪَٽ لاهڻ جي ڪوششن ۾ رڌل نظر اچي پيو.

رسول ميمڻ پنهنجي ڪتاب ۾ “خدا، مذهب ۽ سائنس” ۾ گاڊ پارٽيڪلس ۽ گاڊ جينس جي سمجھاڻي ڏني آھي. سندس چوڻ آهي ته خدا کي انسان کان ٻاهر ڳولهڻ اجايو آهي. کٽين يا هارائين هنڌ تنهنجو هيءُ آهي. ڪنهن اڄاتل دنيا جي آسري تي هن دنيا جنهن ۾ اسين رهون ٿا، جيڪا اکئين ڏسون ۽ پسون ٿا، ان کي دوزخ بڻائڻ ڪنهن به صورت عقل منديءَ جو ڪم ناهي. سندس چوڻ آهي ته ڪوبه ماڻهو مڪمل نموني فنا نه ٿو ٿئي. هر انسان پنهنجي ايندڙ نسل جي شڪل ۾ زنده ٿو رهي ۽ اها موت جي شڪست ۽ زندگيءَ جي فتح آهي. ڊاڪٽر رسول ميمڻ جو ڪتاب پڙهندي مون کي سندس ڪيل ڳالهيون سنڌ جي صوفين پاران ڏنل پيغام جو تسلسل لڳيون ۽ ائين ڀانيم ته ڊاڪٽر صاحب ان ريسرچ کي اتان کنيو آهي، جتي انهن صوفين ان کي ڇڏيو هو. سنڌ جي صوفين پنهنجي شاعريءَ ۾ اهي ڳالهيون بار بار ورجايون آهن ته الله ۽ بندو هڪ آهن، انهن جي وچ ۾ ڪا ٻيائي ناهي، “مون ۾ تون موجود ازل کان” آهين، جڏهن به انسان پنهنجو پاڻ ۾ پيهي ڏٺو آهي ته کيس پنهنجو پاڻ ئي نظر آيو آهي. پنهون ڪنهن ٻاهرين دنيا ۾ نه پر اندر ۾ ئي ويٺل آهي، جيڪو ساهه جي رڳ کان به ويجھو آهي. انهن ڳالهين کي صوفي پنهنجي لازوال شاعريءَ ۾ رندي رمزن سان صديون اڳ بيان ڪري ويا آهن. لطيف سائين چئي ويو هو ته،

”پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ،

ته نه ڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نه ڪا ڪيچين ڪاڻ،

پنهون ٿيس، پاڻ سسئي تان سور هئا“.

لطيف مذهب جي نالي دنياوي ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن جي منهن تان نقاب روڙي لاٿا هئا؛

”منهن ته موسى جهڙو اندر ۾ ابليس…..” يا

”ان پر نه ايمان جي ڪلمي گو جي ڪوٺائين،

دغا تنهنجي دل ۾شرڪ ۽ شيطان،

منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهين”

 انهن اندر اجارڻ،انسانيت سان بنا ڪنهن مذهبي، فرقي يا ذات پات جي پيار ڪرڻ، امن ۽ سلامتي جو ماحول پيدا ڪرڻ جون ڳالهيون وڏي واڪ انڪري ڪيون هيون ڇوته محبوب ۽ معشوق وچ ۾ ڪا دوئي، دوري نه هئي. هر صوفيءَ کي پنهنجن دؤرن ۾ سندن ان بغاوت ڪرڻ تي ظاهرداريءَ جي پاسداري رکندڙ ملن مولوين پاران ڪفر جي فتوائن سان منهن مقابل ٿيڻو پيو هو. صوفين محض اهي دعوائون ڪونه ڪيو هيون پر انهن عملي طرح اهي سڀ خيال پنهنجين زندگين تي لاڳو ڪري ڇڏيا ها. وٽن سندن عملي زندگي ئي مثال يا دليل هو. ٻئي پاسي مذهب جي ٺيڪدارن جي هٿن ۾ مقدس ڪتابن جي حوالن جون پنهنجي مقصد واريون تشريحون هيون.

انهن منجھيل مامرن، اڻ ڏٺل ۽ ڏند ڪٿا بڻيل ڳالهين تي سائنسي دليلن سان سير حاصل بحث سائين رسول ميمڻ جن ڪيو آهي ۽ ليکڪ پنهنجي سائنسي دليلن، تجربن جي آڌار تي پنهنجي ڳالهه کي وزنائتو بڻايو آهي. رسول ميمڻ اسان کي سائنس  جي حيرت انگيز وادين جو سير ڪرائيندي، تصويرون ڏيکاريندي، ڪجھ نظر ايندڙ ۽ ڪجھ نظر کان اوجھل شين کي سوليءَ سنڌيءَ ۾ بيان ڪندي سمجھائڻ جون سڀاويڪ ڪوششون ڪيون آهن. اهي ڳالهيون هڪ عام ماڻهون لاءِ ته حيرت انگيز آهن ئي سهي پر انهن جي گوناگوني کي جڏهن پاڻ پسي ٿو ته هڪ ڊاڪٽر هئڻ جي ناتي کيس به اهي ڳالهيون انتهائي انوکيون ۽ نراليون ٿيون لڳن ”هڪ پئٿالوجسٽ جي حيثيت ۾ جڏهن خوردبين ۾ ڏسان ٿو ته دنگ رهجي ٿو وڃان ٿو، نظر نه ايندڙ دنيا سحر انگيز آهي“.

رسول ميمڻ پنهنجي ڪتاب ۾ سماج اندر جاهليت کي پکيڙيندڙ قوتن پاران ڪوڙ بدوڙ جي ڳالهين تان پردو هٽايو آهي، سندس پنهنجو چوڻ آهي ته “هي ڪتاب کليل دل روشن دماغ پڙهندڙن لاءِ آهي”. ساڳي ڳالهه ڊاڪٽر مبارڪ حيدر پڻ ڪئي آهي سندس چوڻ آهي ته “تعظيم جا حقدار اهي سائنسدان، محقق ۽ ڏاها آهن جيڪي زندگيءَ جي حفاظت ۽ خوشحاليءَ لاءِ گس جوڙيندا آهن”. لب لباب ٻنهي جو اهو آهي ته هن ڌرتيءَ تي علم جي روشني اجاگر ٿئي. منجھيل مسئلا چٽا ۽ واضح نموني ماڻهن کي سمجھ ۾ اچن. ماڻهن جي دلين تي لڳل ڪٽ لهي ۽ سندن دماغ نئين روشنيءَ کي پسڻ لاءِ تيار ٿين. عام ماڻهون اهي ڳالهيون سمجهي هن دنيا کي رهڻ لائق بڻائي ۽ فطرت پاران مليل سک ماڻي سگھن.

ماڻهون پنهنجي خوابن جي حاصلات تڏهن حاصل ڪري سگھي ٿو جڏهن هو نڀاڳ جي ننڊ مان ڇرڪ ڀري جاڳي پئي، اکيون مهٽي روشني جي ڳولها لاءِ نڪري. جڏهن ڪوبه ماڻهون اهو گس وٺندو ته کيس گھڻين ئي مشڪلاتن سان منهن مقابل ٿيڻو پوندو. کيس ڏکيا ماڻهون، ڦورو ۽ ويڙهو گروهه ملي سگھن ٿا. کيس اڻانگن ۽ اوکن پيچرن تان لنگھڻو پوندو. قدرتي آفتون به سندس راهه روڪينديون. زهريلا جيت جڻيا کيس اذيت پهچائي سگھن ٿا. کيس بکن ڪاٽڻ ۽ بيمارين سان مد مقابل ٿيڻ کي به نه وسارڻ گھرجي. “ڏاگھن ڏيرن ڏونگرن ٽنهي ڏنم ڏک…” جهڙا احساس قدم قدم تي اڀرندا پر ٻئي پاسي جڏهن هو جھر جھنگ، شهر، وستيون، ريگستان، سمنڊ، جبل جھاڳيندو هلندو ته هر موڙ تي کيس سکڻ لاءِ ڪيئي نيون ۽ ناياب شيون ملنديون. کيس محبوب ماڻهون ملندا جيڪي سندس حوصلو وڌائيندا. کيس ڪي گرو ملندا جيڪي الجھيل، منجھيل زندگيءَ جي سُٽَ کي سلجھائڻ ۾ سندس رهنمائي ڪندا.  هوا، واريءَ جا ذرڙا پکي ساڻس ڳالهائيندا، وڻ ٽڻ کيس واٽ وندر جي جا ڏس پتا ڏيندا. سفر جي منزل تي پهچندي سندس سمورا ٿڪ لهي ويندا ۽ اهي ڏک ڏاکڙا کيس سُک لڳندا. سندس اندر ۾ ڪاميابي ۽ ڪامراني جون سڳنڌ ڀريون هوائون گھلڻ لڳنديون. ان جي ڀيٽ ۾ جيڪي پنهنجي خوابن کي خيالي ڳالهه سمجھي گھر جا ڪڪڙ بڻجي ويهندا اهي محروم رهجي مري ويندا. منهنجي ناقص خيال مطابق اهو لب لباب آهي پائلو ڪوئلهو جي ڪتاب “ڪيماگر” جو.

انسان پاران پنهنجي اندر جي دنيا جيڪا نظرن کان اوجھل آهي يا ٻاهر پکڙيل دنيا جيڪا اڃا تائين سندس لاءِ اڄاتل آهي ان کي پسڻ لاءِ تمام ضروري آهي ته هو اهي سڀ ڪم ڪنهن جبر بداران محبت سان سرانجام ڏئي ڇو ته بقول پائلو جي “محبت ۾ توهان ڪجھ به ڪري سگھو ٿا، ۽ محبت ۾ اهو به سوچڻ ۽ سمجھڻ جي گھرج ناهي ته ڇا ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو جيڪي ڪجھ به ٿي رهيو هوندو آهي سو توهان جي اندر هوندو آهي ۽ انسان پاڻ کي واءُ ۾ مٽائڻ جي به صلاحيت رکي ٿو پر ان صورت ۾ جڏهن واءُ سندس واهر ڪري”.

علم واٽ به آهي ته روشني به آهي. علم  ڪتاب به آهي ته ان ڪتاب کي پاڙهيندڙ استاد به آهي، علم جو رستو ڪنڊن سان ڀريل آهي ته ڪنڊن سان گڏ سهڻا رنگ برنگي ۽ هڳاءُ پکيڙيندڙ گل به آهن. علم جي واٽن تي هلڻ وارن جي تمام ٿورائي آهي، اڪثر اسان جا نوجوان بس سڌڙيا آهن، انهن کي مڌُ ته کپي پر هو ان مڌ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. کين هر شيءِ اڳ تيار ٿيل گھرجي، کين بس شين کي واپرائڻ مان مزو حاصل ڪرڻ جي هوس آهي. اسان جي نوجوان نسل سفر جي سختين سان لانئون لهي ڪلالن جي ميخاني تائين پنهنجو پاڻ پهچڻ سکيو ئي ناهي. انهن لاءِ لطيف سائين چئي ويو هو ته “سڌڙيا شراب جون ڪهه پچارون ڪن…”  مڌ، محبوب، اکين ۾ جوت، دل ۾ روشني، دماغ ۾ ڏاهپ تڏهن ايندي جڏهن ماڻهون پاڻ ان لاءِ تيار هوندو. انهن جا ڳل ڳاڙها هوندا آهن، جيڪي راهن تي ويهي اڻ ڏٺل علائقن ڏانهن ويندڙ قافلن کان کان پڇائون ڪندا ته ڪڏهن لاهوتين جي ٽولين سان گڏجي نڪري پوندا آهن. انهن لاءِ سندن مقرر ڪيل منزل ئي دنيا جي عظيم خوبصورتي هوندي آهي اهي واٽن تي عارضي خوبصورتين تي هرکجي پنهنجو سڀ  ڪجھ وساري ويهي ناهن رهندا. اهي ته سوا گھڙيءَ جا ماڳ هوندا آهن جتي ٿڪ ڀڃي رمتا جوڳي مرليون وڄائيندا پنهنجن واٽن تي هليا ويندا آهن. اچو ته سنڌ اندر علم، ڏاهپ، سونهن، امن، ڀائيچاري، خوشحالي، سهپ جا ڏيئا ٻاريون، اها روشني گھر گھر پهچايون.