واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ٻن ڪلاڪن تائين فون تي ڳالهائڻ کانپوءِ اعلان ڪيو آهي ته روس ۽ يوڪرين جي جنگ ختم ٿيڻ وڃي رهي آهي ۽ ٻئي ملڪ فوري طور تي جنگبندي جون ڳالهيون ڪندا. پنهنجي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽرٿ سوشل تي ٽرمپ چيو ته جنگبندي جا شرط ٻئي ملڪ پاڻ طئي ڪندا ڇاڪاڻ ته انهن کي ڳالهين جي تفصيلن جي جيتري خبر آهي اوتري ڪنهن به ٻئي کي نه آهي. پيوٽن سان ڳالهيون شاندار رهيون. روس هن رتوڇاڻ جي خاتمي تي آمريڪا سان وڏي پئماني تي واپار ڪرڻ گهري ٿو جنهن سان آئون متفق آهيان. يوڪرين به واپار جو وڏو فائدو کڻي سگهي ٿو.