واشنگٽن / لنڊن (م ڊ) آمريڪي صدرجوبائيڊن يوڪرين لاءِ 2 ارب 50 ڪروڙ ڊالرز جي اضافي فوجي امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو، برطانوي خابرو اداري موجب جوبائيڊن پنهنجي عهدي جي آخري هفتن ۾ نئين چونڊيل ٽرمپ جي اقتدار سنڀالڻ کان اڳ ڪيف ۾ فوجي امداد ۾ اضافي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، آمريڪي صدر جوبائيڊن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا جنگ ۾ يوڪرين جي پوزيشن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رهيو آهي. دفاع وارو کاتو لکين توپون، هزارين راڪيٽ ۽ ڪيتريون ئي بڪتربند گاڏيون فراهم ڪرڻ جي عمل ۾ آهي جنهن سان گرمين واري مند ۾ يوڪرين جا هٿ مضبوط ٿيندا، روس کي ناهي ڇڏڻو، يوڪرين سيڪيورٽي اسسٽنس انيشي ايٽو (يو ايس اي آءِ) تحت فوجي سامان آمريڪي ذخيرن مان حاصل ڪرڻ بدران دفاعي صنعت يا ڀائيواري ڪندڙن کان حاصل ڪري سگهجي ٿو. جنهن جو مطلب آهي ته ان کي ميدان جنگ ۾ پهچڻ لاءِ مهينا يا سال لڳي سگهن ٿا. يوڪرين تي روس جي حملي کي 3 سال مڪمل ٿي رهيا آهن، تازو روسي عملدارن اترڪوريا جي فوجين کي پنهنجي جنگي پوزيشن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي. وائيٽ هائوس جي ترجمان جان ڪربي صحافين کي ٻڌايو ته يوڪرين خلاف روس جي جنگ ۾ فرنٽ لائن تي اترڪوريا جي فوج کي وڏي پيماني تي جاني نقصان ٿيو هو رڳو گذريل هفتي ڪرسڪ خطي ۾ هڪ هزار فوجي مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا آهن. جنگ جي تقريبن 3 سالن کانپوءِ واشنگٽن يوڪرين لاءِ مجموعي طور تي امداد جو واعدو ڪيو آهي پر اهو غير يقيني آهي ته نئين ٽرمپ انتظاميا تحت امداد انهي رفتار سان جاري رهندي يا نه جيڪو 20 جنوري تي بائيڊن جي جاءِ وٺندو. جڏهن ته ٽرمپ جو چوڻ آهي ته جنگ کي جلد ختم ڪرڻ چاهيان ٿو.