ماسڪو (م ڊ) روس هڪ دفعو ٻيهر چيو آهي ته ايران جي آمريڪا سان ايٽمي معاهدي تي تڪرار ۽ اسرائيل سان جاري جنگ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، عالمي خابرو اداري موجب ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوف هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايران جي يورينيم رچاءَ کي روس ۾ محفوظ رکڻ جي آڇ به برقرر آهي. دمتري پيسڪوف جو وڌيڪ چوڻ هو ته اها آڇ به موجود آهي ۽ جنگ جي باوجود بلڪل به غير متعلق ناهيون ٿيا، صورتحال ڳنڀير بڻجي وئي، هن وڌيڪ چيو ته تڪرار جي اصل سبب جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون، پر فوجي ڪارروائيون ان بحران کي شديد ترين سطح تي پهچائي رهيون آهن.