تهران(م ڊ) روس جو پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ايران جي دوري تي تهران پهچي ويو، جتي هن پنهنجي ايراني هم منصب عباس عراقچي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي. ايراني پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته آمريڪا سان سڌيون ڳالهيون نه ٿيون ڪري سگهجن روس وچ ۾ اچي، روسي پرڏيهي وزير سان ايٽمي پروگرام تي ڳالهيون وڌيڪ رابطا به جاري رهندا. ايراني پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته تهران ڪنهن دٻاءَ ۽ ڌمڪي تحت ڳالهيون نه ڪندو. روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو ته اسان کي يقين آهي ته ايران جي ايٽمي پروگرام بابت سفارتي قدم اڃا به ٽيبل تي موجود آهن. شام جي صورتحال تي عالمي برادري جي مسلسل ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.