موهن جو دڙو(ن پ ا) روس کان ڪالهه ٻئي ڏينهن تي به 16 ڄڻن تي مشتمل سياحن جو وفد سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو جو دورو ڪيو. هڪ ڏينهن پهريان به 10 ڄڻن جو وفد ماڳ تي پهتو هو. پرڏيهي وفد اسٽوپا، گريٽ باٿ، ميوزيم ۽ ٻيا تهذيبي آثار دلچسپي سان گهمي ڏٺا ۽ فوٽو ورتا ويا. ان موقعي تي روس جي وفد جو چوڻ ھو ته موهن جو دڙو جي تهذيب دنيا ۾ تمام گهڻي مشهور آهي. قديم زماني جا ماڻهو تمام گهڻا ذهين ۽ ڪاريگر هئا. جن هن عاليشان تهذيب جو بنياد موهن جو دڙو دنيا اندر موجود قديم تهذيبن کان مختلف ۽ منفرد حيثيت رکي ٿي. ان ڪري سڄي دنيا جا ماڻهو هن تهذيب کي ڏسڻ لاء هتي اچن ٿي.دنيا کي هن تهذيب مان گهڻو ڪجهه سکڻ گهرجي. روس جي آيل وفد کي مقامي گائيڊ ارشاد سولنگي بريفنگ ڏني.جڏھن ته سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي.