ماسڪو ( م ڊ ) آمريڪا جي اڳوڻي صدر باراڪ اوباما سميت پنج سئو آمريڪين تي روس ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳي وئي آهي. ان ڏس ۾ روس، اڳوڻي آمريڪي صدر باراڪ حسين اوباما ۽ ڪيئي صحافين سميت پنج سئو آمريڪين جي مُلڪ ۾ داخلا تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، روسي پابندين جي فهرست ۾ اڳوڻو آمريڪي صدر بارڪ اوباما، آمريڪي ميڊيا جا صحافي، ڪيئي آمريڪي سينٽرز، اڳوڻا آمريڪي سفير ۽ امڪاني چيئرمين جوائنٽ چيفس به شامل آهن. روسي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته جو بائيڊن انتظاميا روس تي لاڳيتو پابنديون مڙهي رهي آهي، آمريڪا کي اها ڳالهه گهڻو اڳ سمجهڻ کپي ها ته اسان جي خلاف هر حملي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.  روس جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته باراڪ اوباما سميت پنج سئو آمريڪين تي مُلڪ ۾ داخلا تي پابندي روس مخالف قدمن جو ردعمل آهي.