اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته روس جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، روسي وزير سمجهيو ته خبر ناهي هي ڪير اچي ويو آهي، ننڍڙو ڇوڪرو آهي جيڪو انٽرنشپ ڪرڻ لاءِ اچي ويو آهي، ماڻهو بلاول کي سڃاڻن ئي نه ٿا، هنن پرڏيهي پاليسي ۾ ملڪ کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي.