ماسڪو(انٽريسٽنگ نيوز) روس ۾ هڪ شهري گرل فرينڊ خلاف ڪارروائي لاءِ پوليس وٽ پهچي ويو. ميڊيا رپورٽن موجب روسي پوليس کي هن وقت اهڙي ڇوڪري جي ڳولا آهي جيڪا بواءِ فرينڊ جي چوڻ باوجود ريسٽورنٽ مان اڌ بل ادا ڪرڻ کانسواءِ هلي وئي. بعد ۾ بواءِ فرينڊ کي اڪيلو ئي مهانگو بل ادا ڪرڻو پيو. 28 سالن جي همراهه پنهنجي گرل فرينڊ خلاف پوليس وٽ شڪايت ڪئي ۽ ٻڌايو ته جنهن ڇوڪري کي ڊيٽ تي وٺي ويس ماني کائڻ بعد ان ڇوڪري بل شيئر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڇوڪري جي وڃڻ بعد همراهه کي 165 ڊالر بل ادا ڪرڻو پيو. همراهه ٻڌايو ته ڇوڪريءَ سان ڪجهه هفتا اڳ آن لائن ملاقات ٿي هڪ ٻئي کي سمجهڻ بعد هنن ڊيٽ تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. کاڌو کائڻ تائين سڀ شيون ٺيڪ هيون پر جڏهن ويٽر بل کڻي آيو ته گرل فرينڊ سان بل شيئر ڪرڻ جو چيو ته هن انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته جيئن ته تو ماني ۽ ڊرنڪ جو وڏو حصو گهرايو هو ان ڪري بل به تون ادا ڪر. بحث بعد ڇوڪري هوٽل مان هلي وئي.